Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
نيڪيون ملنديون، جنّت ۾ 40 وڻ لڳندا ۽ 40 جنتي محلّ عطا ٿيندا، هي اڃا صِرْف سجدن جون نيڪيون آهن، قيام، رڪوع ۽ نمازِ تراويح ۾ قرآنِ ڪريم ٻڌڻ، ايتري دير مسجد ۾ رهڻ وغيره جو ثواب ان کان علاوه آهي۔ جيڪي نادان 8 رڪعت تراويح پڙھي گھر هليا ويندا اهن، اهي ڄڻ 36 هزار نيڪين ۽ 24 جنتي وڻن کان محروم رهن ٿا ۽ جيڪو 12 رڪعتون پڙھي ٿڪجي پوندا آهن، هو 24 هزار نيڪين ۽ 16 جنتي وڻن کان محروم رهندا آهن، هي هاڻي حديثِ پاڪ ۾ بيان ڪيو ويو تعداد جي مُطَابِق ظاهري ڳڻپ آهي، رحمتِ الٰهي جي وُسعت تي نگاھ رکي وڃي ته پوريون 20 رڪعتون نمازِ تراويح پڙھڻ وارن جي خوش نصيبي ۽ اڌوري تراويح پڙھي موٽي وڃڻ وارن جي محرومين جو اندازو لڳائڻ ممڪن ئي نه آهي۔
بھائیو! بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں پڑ گئے دوزَخ پہ تالے، قید میں شیطان ہے
بھائیو! بہنو! گُنَاہوں سے سبھی توبہ کرو خُلد کے دَر کھل گئے ہیں داخِلہ آسان ہے([1])
رمضان المبارڪ جي ٽئين اهم عبادت آهي: تلاوت قرآن۔ اسان جي پياري آقا، مڪي مدني مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رمضان المبارڪ ۾ ڪثرت سان تلاوت فرمائيندا هئا، حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضرِ خدمت ٿيندا هئا، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملائڪن جي سردار حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام سان قرآن ڪريم جو دور ڪندا هئا۔
رمضان المبارڪ ۾ ڪثرت سان تلاوت ڪرڻ وارا
اهڙي طرح اسان جا بزرگ سڳورا، الله پاڪ جا نيڪ ٻانها به عام ڏينهن ۾ ته تِلاوت ڪندا ئي هئا، رمضان المبارڪ ۾ انهن جو شوقِ تلاوت مزيد وڌي ويندو هو، * ڪي ولي سڳورا رمضان المبارڪ ۾ 3 راتين ۾ هڪ خَتمِ پاڪ ڪندا هئا * حضرت اسۡود رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه رمضان المبارڪ ۾ هر 2 راتين ۾ هڪ ڀيرو