Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

جي لاءِ فيضانِ مدينه پهتس۔ اعتڪاف دوران مبلغ اسلامي ڀائرن جا سُنّتن ڀريا بيان، پُرسوز مناجات ۽ رِقَّت انگيز دُعائن سان منهنجي دِل جي دُنيا بدلجي وئي، مون اڳوڻن گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي پاڪيزه ديني ماحول سان وابسته ٿي ويس، ان جي برڪت سان منهنجي ڪردار ۽ گفتار ۾ مثبت تبديليون اچڻ لڳيون، مون عمامي شريف جو تاج به سجائي ورتو، سُنّت جي مطابق ڏاڙھي شريف به رکي ورتي ۽ الحمد لله! نمازن جو پابند به بڻجي ويس۔

آئیں گی سُنتیں، جائیں گی شامتیں       مدنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

تم سدھر جاؤ گے، پاؤ گے برکتیں       مدنی ماحول میں کر لو تم اعتکاف

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مدني عطيات ۾ حصو ملايو

پيارا اسلامي ڀائرو! الحمدلله! عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ ۾ مصروفِ عمل آهي. دعوتِ اسلامي جي تحت صرف پاڪستان ۾ 909 جامعات (بوائز ۽ گرلز) قائم آهن. جتي درس نظام(يعني عالم ڪورس) ڪرايو ويندو آهي، جامعة المدينه ۾ پڙهڻ وارن ۽ پڙهڻ وارين جي ڪُل تعداد تقريباً 71 هزار 687 آهي، هاڻي تائين 15 هزار 611 اسلامي ڀائرن ۽ اسلامي ڀينرن جامعة المدينه مان درس نظامي(يعني عالم ۽ عالمہ ڪورس) مڪمل ڪرڻ جي سعادت ڪئي. انهيءَ طرح پاڪستان ڀر ۾ 4 هزار 707 مدارس المدينه(بواز ۽ گرلز) قائم آهن، جتي ڇوڪرن ۽ ڇوڪرين کي قرآنِ پاڪ حفظ ۽ ناظران جي مفت تعليم ڏني ويندي آهي، هنن مدرسن ۾ پڙهڻ وارن ۽ وارين جو ڪُل تعداد تقريباً 2 لک 12 هزار 692 آهي، هاڻي تائين مدرسة المدينه مان 4 لک 39 هزار  940 ٻار ۽ ٻارڙيون قرآن ڪريم حفظ ۽ ناظران جي تعليم حاصل ڪري چڪا آهن. سڄي پاڪستان ۾ مختلف مقامن تي تقريباً 32 هزار 359 مدرسة المدينه بالغان به هلي رهيا آهن، جن ۾ وڏي عمر جي اسلامي ڀائرن کي درست تجويد ۽ قراٰت سان قرآن ڪريم پڙهايو ويندو