Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren
1 رمضان جو مهينو مبارڪ مهينو آهي
حضرتِ ابو هريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري رمضان المبارڪ جي تشريف آوري ٿي ته حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو ڏيندي فرمايو: قَدْجَآءَڪُمْ شَهْرٌ مُبَارَڪٌ يعني بيشڪ توهان وٽ برڪت ڀريو مهينو اچي ويو آهي اِفْتَرَضَ اللّٰهُ عَلَيْڪُمْ صِيَامَهٗ الله پاڪ هن مهيني جا روزا توهان تي فرض ڪيا آهن يُفْتَحُ فِيْه اَبْوَابُ الْجَنَّۃِ هن مهيني ۾ جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن
وَ تُغْلَقُ فِيْهِ اَبْوَابُ الْجَحِيمِ ۽ هن مهيني ۾ جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن
وَ يُغَلُّ فِيْهِ الشَّيَاطِينُ ۽ هن مبارڪ مهيني ۾ شيطان کي ٻَڌو ويندو آهي۔([1])
عاصِیوں کی مغفرت کا لے کر آیا ہے پیام جھوم جاؤ مجرِمو! رمضاں مہِ غفران ہے
بھائیو بہنو! کرو سب نیکیوں پر نیکیاں پڑ گئے دوزخ پہ تالے قید میں شیطان ہے([2])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
2- رمضان المبارڪ جي هر رات اعلان ٿيندو آهي ته...
حضرتِ ابو جعفر رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، هڪ ڀيري رمضان المبارڪ جي تشريف آوري ٿي ته حضور اڪرم، نور مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خطبو ڏيندي فرمايو: اي انسانو! * بيشڪ هي رمضان آهي * هن ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن *جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن *جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن * هن مبارڪ مهيني جي هر رات هڪ اعلان ڪرڻ وارو اعلان ڪندو آهي: هَلْ مِنْ سَائِلٍ فَيُعْطَى آهي ڪو سوالي جو ان جو سوال پورو ڪيو وڃي،هَلْ مِنْ مُسْتَغْفِرٍ فَاُغْفِرَلَهُ آهي ڪو مغفرت جو طلبگار جو ان جي بخشش ڪئي وڃي۔([3])