Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

پاتا ويندا آهن ته جيئن مهمان ڏسي سٺو تاَثُّر وٺن، ننڍڙن ٻارن کي به صاف ڪپڙا پارايا ويندا آهن، گھر ۾ خوشبون مهڪايون وينديون آهن، هڪ اَهم مهمان جي استقبال جي لاءِ خوب اهتمام ڪيو ويندو آهي۔

رمضان جي آمد آهي، اسان کي گھرجي ته هن مبارڪ مهمان جي آمد تي به اهتمام ڪريون، بهتر آهي جو رمضان جي اچڻ کان پهريان گھر جي چڱي نموني صفائي ڪئي وڃي، گھر ۾ خوشبوئون لڳايون وڃن، رمضان المبارڪ ۾ خوب عبادت ڪرڻي آهي، گھر ۾ استعمال ٿيڻ وارا مُصَلّا به ڌوتا وڃن، رمضان المبارڪ ۾ عبادت جي لاءِ ڪپڙا ڌوئي تيار ڪيا وڃن، جنهن ڏينهن رمضان المبارڪ جو چنڊ نظر اچڻو آهي، زهي نصيب! هن ڏينهن اسان وهنجي، سٺا ڪپڙا پائي، خوشبو لڳائي، خُدا توفيق ڏي ته عمامو شريف ٻڌي، چڱي طرح تيار ٿي استقبالِ رمضان جي نيت سان مغرب کان پهريان پهريان مسجد ۾ پهچي وڃون، نفل اعتڪاف جي نيت به ڪريون، اي ڪاش! ذِڪر ۽ درود ڪندي پُرتپاڪ انداز ۾ رمضان جو استقبال ڪريون، زهي نصيب! اسان کي برڪتون ملن ۽ سڄو رمضان ئي نيڪين ۾ گذارڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔

                                دِلِ مغموم پھر اِک بار خوشیوں سے ہوا سرشار                        ہوئی حاصِل مَسَرَّت ماہِ رمضان آنے والا ہے

خوشی سے جھومتا ہے دِل، مچی ہے قلب میں ہلچل                   ملی عاشِق کو فَرحت ماہِ رمضان آنے والا ہے

رمضان المبارڪ ڪيئن گزاريون؟

(1) رمضان المبارڪ جو اَدب ڪريو!

شيخ طريقت، امير اهلِ سنت دَامَت بَرَکاتهمُ الْعَالِيه پنهنجي بهترين ڪتاب فيضانِ رمضان ۾ هڪ بهترين ايمان افروز واقعو لکيو آهي: بُخارا هڪ شهر آهي، هن شهر ۾ هڪ مجوسي (يعني باھ جو پُوڄاري) رهندو هو، هڪ ڀيري رَمَضان المبارڪ جو مهينو هو، هو مجوسي پنهنجي پٽ سان گڏ مسلمانن جي بازار مان لنگھي رهيو هو، مجوسي جي پٽ بازار ۾ سرعام ڪا شيء کائڻ