Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

شروع ڪئي، مَجوسي جڏهن هي ڏٺو ته ان پنهنجي پٽ کي هڪ زَوردار ٿپ  هڻي چيو: توکي شرم نٿو اچي..؟ رَمَضانُ المبارَڪ جو مهينو آهي ۽ مسلمانن جي سامهون عَلَي الاِعلان کائي رهيو آهين؟ پٽ چيو: بابا! اوهان به ته رَمَضان ۾ کائو ٿا، مجوسي چيو: مان مسلمانن جي سامهون نه، بلڪه پنهنجي گھر ۾ لڪي کائيندو آهيان، مان رمضان جي بي حُرمتي نٿو ڪيان۔ هي واقعو ٿيو، ڳالھ ختم ٿي، ڪجھ عرصي کان بعد ان مجوسي جو اِنتِقال ٿي ويو۔ ان جي مرڻ کان بعد ڪنهن ان کي خواب ۾ ڏٺو ته وڏي مزي سان جنّت ۾ گھمي رهيو هو، خواب ڏسڻ واري حيرت وچان پڇيو: تون ته مَجوسي هئين، تون جنّت ۾ ڪيئن اچي وئين؟ ان چيو: مان واِقعي مَجوسي هئس پر مون رَمَضان المبارڪ جو احترام ڪيو هو، ان جي بَرَڪت سان الله پاڪ موت کان پهريان مون کي ايمان جي دولت به عطا فرمائي ۽ مرڻ کان بعد جنّت سان به مشرف فرمايو۔([1])

رہوں قائِم میں توبہ پر، خُدایا فضل ایسا کر            گناہوں سے دے نفرت ماہِ رمضان آنے والا ہے

سُبْحٰنَ اللّٰه! اي عاشقانِ رسول! رمضان المبارڪ جو به ڪيترو نِرالو شان آهي! رمضان المبارڪ جي تعظيم جي برڪت سان الله پاڪ هڪ مجوسي کي (باھ جي پوڄاري غير مسلم کي) ايمان جي دولت به عطا فرمائي ۽ جنت ۾ داخلو به نصيب فرمايو۔ افسوس! اسان وٽ هاڻي مسلمانن جي دلين مان به رمضان المبارڪ جو احترام گھٽ ٿيندو پيو وڃي، ڪيترا اهڙا غافل آهن، جيڪي بغير شرعي مجبوري رمضان المبارڪ ۾ اَوّل ته روزا ناهن رکندا، پوءِ چوري تي سينه زوري هيئن ڪندا آهن جو *روزيدارن جي سامهون ئي کائيندا پيئندا آهن * سگريٽ جا ڪش پڻ لڳائيندا رهندا آهن * پان چٻاڙي رهيا هوندا آهن * ايستائين جو بعض ته ايترا بيباڪ هوندا آهن جو سرِ عام پاڻي پيئندا آهن بلڪ ماني کائڻ کان ناهن شرمائيندا۔


 

 



[1]...فیضانِ رمضان، صفحہ:57۔