Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

ابرِ رحمت چھا گیا ہے اور سَمَاں ہے نُور نُور                          فضلِ رَبّ سے مغفرت کا ہو گیا سامان ہے

ہر گھڑی رحمت بھری ہے، ہر طرف ہیں برکتیں                            ماہِ رمضاں رحمتوں اور برکتوں کی کان ہے([1])

3-رحمت کان محروم رهندڙ بدبخت آهي

حضرت عُبَاده بن صامِت رَضِىَ اللهُ عَنْه روايت ڪن ٿا: هڪ ڀيري رمضان المبارڪ جي آمد آمد هئي، حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: توهان وٽ رمضان اچي ويو * هي برڪتن وارو مهينو آهي * هن مبارڪ مهيني ۾ الله پاڪ جون رحمتون توهان کي گھيري وٺنديون آهن * هن مبارڪ مهيني ۾ گناھ ختم ڪيا ويندا آهن * هن مقدس مهيني ۾ دعائون قبول ڪيون وينديون آهن * هن بابرڪت مهيني ۾ الله پاڪ توهان جو ذوق ۽ شوق ڏسي ٿو ۽ الله پاڪ ملائڪن جي سامهون توهان تي فخر فرمائي ٿو * پوءِ هن مقدس مهيني ۾ پنهنجي طرفان ڀلائيون (يعني نيڪيون ۽ سٺا ڪم) الله پاڪ جي بارگاھ ۾ پيش ڪريو! * بيشڪ بد بخت آهي اهو شخص جيڪو هن مهيني ۾ به رحمتِ اِلٰهي کان محروم رِهجي وڃي۔([2])

خُدا ایسی عنایت کر، میں کانپوں خوف سے تھر تھر                          ہو عصیاں سے حفاظت ماہِ رمضان آنے والا ہے

رمضان المبارڪ جو ڀرپُور استقبال ڪريو!

 اي عاشقانِ رسول! رمضان المبارڪ جي آمد آمد آهي۔ رَبّ جو مهمان اچي رهيو آهي۔ اسان جي گھر ۾ جڏهن ڪو اهم مهمان ايندو آهي ته اسان ڇا ڪندا آهيون؟ گھر جي چڱي طرح صفائي ٿيندي آهي، ڪپڙا، بيڊ شيٽ، صوفن جا غلاف، سڀ ڪجھ ڌوئي، صاف سٿرا ڪيا ويندا آهن، پاڪ صاف بهترين ڪپڙا


 

 



[1]... وسائل بخشش،صفحہ:705۔

[2]... مسند الشامیین للطبرانی ،جلد:3،صفحہ:271،حديث:2238 ۔