Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

ایک دن مرنا ہے آخر موت ہے       کر لے جو کرنا ہے آخر موت ہے

هڪ ڏينهن حضرت عزرائيل عَلَيۡهِ السَّلَام ايندو، اسان جو مال، اسان جي دولت، اسان جا رشتيدار، اسان جو اَولاد، دوست احباب، ڪجھ به ڪم نه ايندو، سڀ ڏسندا رهجي ويندا، افسوس! اسان جي جسم مان رُوح ڪڍيو ويندو، پوءِ غَسَّال کي گھرايو ويندو، ڪفن پارايو ويندو، افسوس! صد ڪروڙ افسوس! پوءِ ڏسندي ئي ڏسندي جنازي نماز ادا ڪري اسان کي اونداھي قبر ۾ لاٿو ويندو۔ الله نه ڪري! الله نه ڪري! * جيڪڏهن اسان رمضان جون راتيون گُنَاهن ۾ گذاري * فضوليات ۾ مشغول رهي رمضان المبارڪ جي بي حُرمتي ڪئي هوندي * جيڪڏهن رَبّ ناراض ٿي ويو * ان جي سبب قبر ۾ اسان جي پڪڙ ٿي وئي * قيامت جي ڏينهن پڪڙ ٿي وئي، ته سوچيو! اسان جو ڇا ٿيندو؟ * خدانخواسته الله پاڪ جي رحمت نه ملي * شافِعِ محشر، سلطانِ بحر و بَر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي شفاعت کان محروم رهجي وياسين ته ڇا ڪنداسين؟

گر تُو ناراض ہوا میری ہلاکت ہو گی                                                                     ہائے! میں نارِ جہنّم میں جلوں گا یارَبّ!

عَفْو کر اور سدا کے لئے راضِی ہو جا                                                                     گر کرم کر دے تو جنّت میں رہوں گا یارَبّ([1])!

اي عاشقانِ رسول! اڃا موقعو آهي، رمضان المبارڪ اچي رهيو آهي، زندگي ۾ ڪڏهن رمضان المبارڪ جي بي قدري ڪئي آهي، بي ادبي ٿي وئي آهي ته اڄ ئي توبه ڪريو ۽ پڪي نيت ڪريو ته * هن سال رمضان المبارڪ جي خوب قدر ڪنداسين * رمضان المبارڪ جي بي ادبي کان بچنداسين * خوب روزا رکنداسين * پنج ئي نمازون باجماعت ادا ڪنداسين * خُوب تلاوتِ ڪنداسين* رمضان المبارڪ ۾ گناهن کان بچڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪنداسين * غيبت به نه ڪنداسين * چغلي به نه ڪنداسين * ٻين کي تڪليف به نه ڏينداسين * بَس پورو رمضان نيڪين ۾ * عبادت ۽ رياضت ۾ * عاجزي سان توبه ۽ اِستِغفار ڪندي گذارينداسين۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!


 

 



[1]... وسائل بخشش،صفحہ:85 ملتقطاً۔