Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

Book Name:Ramzan Mubarak Kesay Guzaren

پيارا اسلامي ڀائرو! شيخ طريقت، امير اهلِ سنت دَامَت بَرَکاتهمُ الْعَالِيه نيڪ بڻجڻ جو هڪ خوبصورت نسخو عطا فرمايو آهي: 72 نيڪ اعمال۔ هي اسلامي ڀائرن جي لاءِ آهي، اسلامي ڀينرن جي لاءِ 63 آهن، جامعة المدينه جي شاگردن جي لاءِ 92 آهن۔ زهي نصيب! اسان رمضان ۾ ان نيڪ اعمال کي مضبوطي سان پڪڙيون، نيڪ اعمال جو رسالو حاصِل ڪريون، ان کي پڙھون ۽ ان کي سامهون رکي ان جي مطابق رمضان جو پورو جدول ڪاغذ تي لکي وٺون۔ الحمد لله! هن نيڪ اعمال ۾ سڀ ڪجھ ئي آهي * پنجئي نمازون باجماعت ادا ڪرڻ جو عمل به آهي، * هن ۾ تهجد به آهي * اشراق و چاشت به آهي * اَوَّابين به آهي * هن ۾ تلاوت ِ قرآن به آهي * والدين جي خدمت به آهي * هن ۾ علم دين سکڻ جو نيڪ عَمَل به آهي۔ جيڪڏهن اسان هنن 72 نيڪ اَعْمال کي مضبوطي سان  پڪڙيو ۽ رمضان المبارڪ ۾ پهرين رمضان کان رمضان جي آخري تاريخ تائين پابندي سان هن جي مطابق بڻايل جدول تي عمل ڪندا رهو، پابندي سان نيڪ اعمال جو رسالو ڀريندا به رهون ته اِنْ شَآءَ اللّٰهُ الْڪَرِيْم! الله جي فضل سان، رمضان جي برڪت سان هن نيڪ اعمال تي استقامت نصيب ٿي ويندي ۽ جيڪڏهن هن نيڪ اعمال تي استقامت نصيب ٿي وئي ته يقين ڪريو! اسان بلڪل تبديل ٿي وينداسين * اسان جي ڪردار ۾ نکار اچي ويندو * عبادتن جو ذوق وڌي ويندو * الله پاڪ جي محبت نصيب ٿيندي * عشقِ رسول ۾ اضافو ٿيندو * دل جو زنگ لهي ويندو ۽ دل نور سان چمڪي ويندي۔ اِنْ شَآءَ اللهُ الْڪَرِيْم!

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد