Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

وقت آهي * موبائِل ۽ سوشل ميڊيا (Social Media) جي لاءِ اسان هر وقت دستياب (Available) آهيون * ڪو مداري اچي ته ان جي آسپاس مجمعو لڳائڻ جو به وقت آهي * کيڏڻ جي لاءِ به وقت آهي *  روڊن تي وڏيون وڏيون ايل سي ڊيز لڳائي رات دير تائين راند روند ڏسڻ ۽ هل هنگامي جو به وقت مِلي ويندو آهي۔ ها! اسان کي وقت ناهي ملندو ته صِرْف عبادت جي لاءِ ناهي ملندو * اسان کي وقت ناهي ملندو ته اشراق ۽ چاشت جي لاءِ ناهي ملندو * وقت نه آهي ته اَوَّابين جي نفلن جي لاءِ نه آهي * وقت نه آهي ته نيڪ اجتماعن ۾ شرڪت جي لاءِ وقت نه آهي * مدني قافلن ۾ سَفَر جي لاءِ وقت نه آهي * نيڪي جي دعوت ڏيڻ لاءِ وقت نه آهي * عِلم سکڻ جي لاءِ وقت نه آهي * جيڪڏهن وقت نه آهي ته قبر ۽ آخرت جي تياري  جي لاءِ وقت نه آهي * ان کان عِلاوه دُنياوي ڪمن جي لاءِ اسان وقت ڪڍي ئي وٺون ٿا۔

 ڪاش! اسان کي فڪرِ آخرت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان پنهنجي آقا ۽ موليٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي عَمَلي طَور تي پنهنجو آئيڊيل (Ideal) بنائڻ ۽ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرتِ پاڪ کي زِندگي ۾ نافِذ ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔ ڪاش! عِبَادت جي توفيق مِلي وڃي۔

عبادت میں گزرے مِری زِندگانی    کرم ہو کرم یا خدا یا اِلٰہی([1])

دُنيا ۾ سڀ کان اَهم ڪم

مشهور صوفي بُزرگ مولانا جلال الدين رومي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪڏهن بادشاھ توهان کي ڪنهن خاص ڪم سان ڪٿي موڪلي، توهان راھ ۾ ٻيا کوڙ سارا ڪم ڪيو پر اهو خاص ڪم جنهن جي لاءِ بادشاھ موڪليو آهي، اهو ڪرڻ وساري ڇڏيو ته ٻڌايو ڇا بادشاھ توهان سان خوش ٿيندو؟ ڪڏهن به نه ٿيندو، بس انهيء ڪري دُنيا ۾ انسان هر ڪم وساري ته وساري ڇڏي پر هڪ ڪم آهي جيڪو بلڪل نه وسارڻ گھرجي۔ اهو خاص ڪم ڪهڙو آهي، ان جو تذڪرو سيپاري 22، سُوْرَتُ الْاَحْزَاب جي هن آيت ۾ آهي: ([2])


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:105۔

[2]... فِیْہِ مَا فِیْہِ، صفحہ:7۔