Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! ڏسو! جن کي عبادت جي لذّت نصيب آهي، اهو دُنيا جي هر شيء تي عِبَادت ئي کي ترجيح ڏين ٿا۔ ڪاش! اسان کي به عِبَادت جي اهڙي لذّت نصيب ٿي وڃي، ڪاش! اسان هر شيء کان وڌيڪ عِبَادت کي اهميت ڏيڻ وارا بڻجي وڃون۔

عبادت میں ، ریاضت میں ، تلاوت میں لگا دے دل          رجب کا واسِطہ دیتاہوں فرما دے کرم مولیٰ

عِبَادت جي لذّت بابت 5 واقعا

(1): انصاري صحابي ۽ عِبَادت جي لذّت

حضرت جابِر رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري اسان الله پاڪ جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ ڪنهن غزوي ۾ وياسين، واپسي تي اسان جابلو علائقي ۾ پهتاسين، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اتي قيام جو حڪم فرمايو۔ سڀئي صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضْوَان آرام ڪرڻ لاءِ اتي ترسي پيا۔ الله پاڪ جي حبيب، دلين جي طبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: اڄ رات ڪير پهرو ڏيندو؟ هڪ مهاجِر ۽ هڪ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا بيهي عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هي سعادت اسان حاصِل ڪرڻ چاهيون ٿا، اسان کي قبول فرمايو! رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اجازت عطا فرمائي، پوءِ اهي ٻئي صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا پهرو ڏيڻ جي لاءِ تيار ٿي ويا، انهن ٻنهي پاڻ ۾ مشورو ڪيو ۽ اِهو طئي ٿيو ته اڌ رات تائين هڪ پهرو ڏئي، ٻيو آرام ڪري، پوءِ پهريون آرام ڪري ۽ ٻيو پهرو ڏئي۔ پوءِ پهرين اڌ رات مهاجِر صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه آرام ڪيو ۽ انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه پهرو ڏيڻ لڳا۔ ڪجھ دير گذري ته ان انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه نماز شروع ڪئي ۽ سورت ڪهف جي تِلاوت ڪرڻ لڳو۔

  انهيء دوران اوچتو دُشمنن جي هڪ شخص جبل تي چڙھي تير هلائڻ شروع ڪيا۔ دُشمن پهريون تير  جيڪو  هلايو، اهو انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي جسم ۾  لهي ويو۔