Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

نَمَازِ زَاہِدَاں سَجْدَہ سُجُوْد اَسْت                                                                                        نَمَازِ عَاشِقَاں تَرْکِ وَجُوْد اَسْت

قِیَام وقَعْدَہ وتَکْبِیْر ونِیَّت                                                                                                           ہَمَہ مَحْواَسْت دَرْ عَیْنِ مَعِیَّت([1])

وضاحت: زاهدن جي نماز رڪوع ۽ سجدو آهي ۽ عاشقن جي نمازِ ترڪ وُجُود (يعني عشقِ الٰهي ۾ سرشار ماڻهو جڏهن نماز ۾ بيهندا آهن ته پاڻ کي وساري ڇڏيندا آهن) قيام، قعدو، تڪبير ۽ نيت وغيره تمام نماز وارن رڪنن ۾ هو عينِ معيت (يعني بارگاھ اِلٰهي ۾ حاضِري جي لذّت) ۾  گم هوندا آهن۔

مانندِ شمع تیری طرف لو لگی رہے        دے لطف میری جان کو سوز و گداز کا

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

  عِبَادت جي لذّت کان محرومي جو وبال

   اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! اسان جا بزرگ سڳورا ڪيتري خشوع ۽  خضوع سان، الله پاڪ جي ياد ۾ بلڪل محو ٿي انتهائي لذّت سان عِبَادت ڪندا هئا۔ الله پاڪ اسان کي به عِبَادت ۽ رياضت ۾ اهڙي لذّت نصيب فرمائي. امام حسن بصري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ماڻهو نماز، قرآن ۽ دُعا انهن 3 شين جي حَلاوت (يعني مٺاڻ) کان محروم ٿي ويا، جيڪڏهن توهان کي انهن 3 شين جي مٺاڻ نصيب ٿي وڃي ته الله پاڪ جو شڪر ادا ڪيو، جيڪڏهن ماڻهن کي هي نه ملي سگھي ته سمجھي وٺو ته انهن تي ڀلائي جا دروازا بند ٿي ويا۔([2])

   الله اَڪبَر! غور فرمايو! نماز، تِلاوت ۽ دُعا جي لذّت کان محروم ٿيڻ ڪيترو نقصان دِه آهي...!! افسوس! اڄ اسان جو حال ڪجھ اهڙو ئي آهي * نمازن ۾ اسان جي دِل نٿي لڳي * تِلاوت جي ڳالھ ڪئي وڃي ته شايد ڪيئي ڪيئي مهينا گذري وڃن ٿا * تِلاوت جي طرف ڌيان نٿو وڃي * ها! هڪ دُعا آهي ته


 

 



[1]...سبع سنابل، صفحہ:112۔

[2]...شعب الایمان ، باب فی معالجۃ کل ، فصل فی الطبع علی القلب، جلد:5، صفحہ:447، حدیث:7226۔