Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

انگور کائڻ کان بعد اُن نيڪ بزرگ ٻنهي نئين چادرن جي طرف اشارو ڪندي فرمايو: انهن ٻنهي مان جيڪا وڻيوَ اها کڻي وٺو! مون چيو: مون کي چادر جي ضرورت ناهي۔ پوءِ انهن ٻئي چادرون پنهنجي جسم تي ويڙهي ورتيون، پُراڻيون چادرون جيڪي هيٺ وڇايون هيون، انهن کي هٿ ۾ پڪڙي هڪ پاسي ڏانهن هلڻ لڳا، مان به سندن پويان پويان هلڻ لڳس۔ جڏهن اسان صفا ۽ مروه جي ويجھو پهتاسين ته هڪ غريب شخص پُڪاريندي چيو: اي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا شهزادا! منهنجو  جسم ڍڪيو!

ان نيڪ بزرگ هٿ ۾ پڪڙيل چادرون ان غريب کي ڏئي اڳتي وڌي ويا۔ هاڻي مان ان غريب شخص جي پويان ويس ۽ ان کان پڇيو: اوهان کي جنهن چادرون ڏنيون، اهو ڪير هو؟ ان غريب شخص چيو: هي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا شهزادا امام جعفر صادِق رَضِىَ اللهُ عَنۡه آهن۔

الله اَڪبَر! هاڻي مون امام جعفر رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي تلاش ڪرڻ شروع ڪيو، ته جيئن سندن کان حديثون ٻُڌان پر افسوس! مان ٻيهر ملاقات کان محروم رهيس۔([1]) الله پاڪ جي انهن تي رحمت ٿئي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش ٿئي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اَعمال

پيارا اسلامي ڀائرو! عِبَادت جو ذوق ۽ شوق وڌائڻ، عِبَادت جي لذّت جي نعمت ماڻڻ ۽ اولياءِ ڪرام جي محبت دِل ۾ وڌائڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ 12 ديني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حِصو وٺو! هن جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دين ۽ دُنيا


 

 



[1]...حکایتیں اور نصیحتیں، صفحہ:437۔