Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
عَظَمتِ امام جعفر! مرحبا! مرحبا! بَرَکتِ امام جعفر! مرحبا! مرحبا!
صداقتِ امام جعفر! مرحبا! مرحبا! شرافتِ امام جعفر! مرحبا! مرحبا!
سیادتِ امام جعفر! مرحبا! مرحبا! کرامتِ امام جعفر! مرحبا! مرحبا!
غيب مان انگور ظاهر ٿيا
حضرت ليث بن سعد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حج جو موسم هو، مون مڪي شريف ۾ نمازِ عصر ادا ڪئي ۽ اَبُو قبيس نالي جبل ڏانهن نڪري پيس، جبل جي چوٽي تي مون ڏٺو: هڪ نيڪ بزرگ ويهي دُعا گھري رهيو هو، اُن پهريان يارَبّ چئي الله پاڪ کي پُڪاريو ۽ مسلسل يارَبّ يارَبّ ئي چوندو رهيو، ايستائين جو اُن جو ساھ اکڙي ويو، پوءِ ان يَارَبَّاهٗ چوڻ شروع ڪيو، هاڻي به يَارَبَّاهٗ يَارَبَّاهٗ چوندي چوندي اُن جو ساھ ٽٽي پيو، پوءِ انهن ياالله يا الله چوڻ شروع ڪيو، ايستائين جو ساھ اُکڙي ويو، پوءِ يَاحَيُّ يَاحَيُّ چئي الله پاڪ کي پُڪاريائين، پوءِ يَا رَحِيْمُ يَارَحِيْمُ چوڻ شروع ڪيو ۽ آخر ۾ اُنهن يَا اَرْحَمَ الرَّاحِمين چئي الله پاڪ کي پُڪاريو، ايئن انهن ست ڀيرا ڪيو، آخر ۾ الله پاڪ جي بارگاھ ۾ جيڪا چاهيائين دُعا گھريائين۔ مان ويجهوئي ئي لڪي اهو سڄو منظر بيهي ڏسي رهيو هئس۔
اڃا ان نيڪ بزرگ جي دُعا پُوري به ڪانه ٿي هئي ته اوچتو غيب مان انگورن جو هڪ ڇڳو ۽ 2 نيون چادرون ظاهر ٿيون۔ هي اهو موسم هو جو انگور ڪٿي به دستياب نه هئا، دُعا پُوري ڪرڻ کان پوءِ ان نيڪ بزرگ انگور کائڻ شروع ڪيا، هاڻي مان ان نيڪ بزرگ جي ويجھو ويس ۽ عرض ڪيو: اوهان دُعا گھري رهيا هئا ته مان آمين چئي رهيو هئس، لهٰذا مون کي به انگورن ۾ شريڪ ڪريو! ان نيڪ بزرگ فرمايو: ويجهو اچو! کائيندا رهو پر ڪو داڻو بچائي نه رکجان۔ حضرت ليث بن سعد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون انگور کائڻ شروع ڪيا، اهي انتهائي لذيذ انگور هئا، مون ڪڏهن اهڙا انگور نه کاڌا هئا ۽ حيرت جي ڳالھ اُها هئي ته مون پيٽ ڀري انگور کاڌا پر انهن مان هڪ به داڻو گھٽ نه ٿيو۔