Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

  سُبْحٰنَ الله! نوافِل جي ڪثرت سان الله پاڪ جي محبت نصيب ٿيندي آهي، ظاهر آهي، الله پاڪ جي محبت مِلندي ته دِل الله پاڪ جي طرف ئي متوجھ رهندي، دِل الله پاڪ جي طرف متوجھ رهندي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم!  الله پاڪ جي عبادت ۾ لذّت به نصيب ٿي ئي ويندي۔

    محبت میں اپنی گما یاالٰہی        نہ پاؤں میں اپنا پتا یا الٰہی

رہوں مست وبے خود میں تیری ولا میں     پلا جام ایسا پلا یا الٰہی

عِبَادت جي لذّت ماڻڻ جو هڪ نسخو

فقيه اَبُو اللَّيث سَمرقندي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: ٻانهو ان وقت تائين عبادت جي لذّت حاصِل نٿو ڪري سگھي، جيستائين هي چار ڪم نه ڪري وٺي: (1): عبادت سٺي نيت سان شروع ڪري (2): عبادت جي توفيق ملي، هي الله پاڪ جي نعمت آهي، ان تي نگاھ رکي (3): خَشِيت (يعني دِل ۾ خوفِ خُدا) رکي عبادت ڪري (4): اَوَّل کان آخر تائين اِخلاص اپنائي (رياڪاري نه ڪري)۔ ڇوته جيڪو ٻانهو چڱي نيت سان عِبَادت شروع  ڪندو آهي، اهو ڄاڻي وٺندو آهي ته هن نيڪي جي توفيق مون کي الله پاڪ ئي بخشي آهي ۽ جڏهن ٻانهو الله پاڪ جي نعمت تي نگاھ رکي ٿو ته شڪر گذار رهي ٿو، پوءِ شڪر جي برڪت سان نعمت ۾ اِضَافو ڪيو ويندو آهي ۽ جڏهن ٻانهو خشيت سان عِبَادت ڪندو آهي ته ان جي لاءِ ثواب واجب (يعني لازم) ڪيو ويندو آهي ۽ عبادت ڪرڻ جو دُنيا ۾ اجر ۽ ثواب اهو ئي آهي ته ٻانهي کي عبادت ۾ لذت ملندي آهي ۽ جڏهن ٻانهو عبادت کي پُوري اِخلاص سان مڪمل ڪندو آهي ته الله پاڪ ان جو عَمَل قبول فرمائيندو آهي ۽ عَمَل جي قبول ٿيڻ جي نشاني هي آهي ته ان کي وڌيڪ ۽ اعليٰ نيڪي جي توفيق بخشي ويندي آهي۔([1])


 

 



[1]...تنبیہ الغافلین، صفحہ:341۔