Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد
حديثِ پاڪ ۾ آهي: اِنَّمَا الْاَعْمَالُ بِالنِّیّات عملن جو دارو مدار نيتن تي آهي۔([1])
پيارا اسلامي ڀائرو! سٺي نيت ماڻهو کي جنّت ۾ پهچائيندي آهي، بيان ٻڌڻ کان پهريان ڪجھ سٺيون سٺيون نيتون ڪري وٺو! مثلاً نيت ڪريو: * رِضَاءِ اِلٰهي جي لاءِ بيان ٻُڌندس * عِلمِ دين سکندس * پورو بيان ٻُڌندس * ادب سان ويهندس * نصيحت حاصِل ڪندس * اَحمَدِ مُجتبيٰ، مُحَمَّد مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مبارڪ نالو ٻڌي درودِ پاڪ پڙھندس۔
صَلُّوا عَلَي الحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
محبوبِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون عِبَادتون
صحابيء رسول حضرت ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنۡه کان روايت آهي، الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي، مڪي مدني، مُحَمَّد عربي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ روزا رکندا هئا ۽ ايتري ڪثرت سان نمازون پڙھندا هئا جو سندن مبارڪ پير سُڄي پوندا هئا۔([2]) اُمُّ المؤمنين حضرت عائشه صديقه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامُ الليل (يعني رات جو نفل نمازون) ڪڏهن نه ڇڏيندا هئا، جيڪڏهن ڪڏهن طبيعت ناساز ٿيندي هئي ته ويهي ادا ڪندا هئا۔([3]) اُمُّ المؤمنين حضرت اُمِّ سلمه رَضِىَ اللهُ عَنۡها جي روايت مطابق رحمت عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو معمول مبارڪ هي هو ته رات جو نماز ادا ڪندا هئا، پوءِ جيتري دير نماز ادا ڪئي، اوتري ئي دير آرام فرمائيندا هئا، پوءِ بيدار ٿي جيتري دير آرام ڪيائون، اوتري دير نماز ادا فرمائيندا هئا، پوءِ نماز پڙھڻ جي