Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

سيپارا پُورا ٿي ويا)، هاڻي پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سورت مَائِده شروع فرمائي ۽ سورت مَائِده مڪمل تِلاوت ڪرڻ کان بعد (يعني تقريباً سوا 6 سيپارا پڙھي) رڪوع فرمايو۔ مون ٻڌو: پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ رڪوع ۾ سُبْحَانَ رَبِّيَ الْعَظِيم پڙھي رهيا هئا، پوءِ (ٻي رڪعت ۾) پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سورت اَنْعَام شروع فرمائي۔([1])

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

اي عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان! بخشيل بخشايل آقا، اُمّت کي بخشائيندڙ آقا، ٻنهي جهانن جي داتا، نُورِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪيتري ڪثرت سان ۽ ڪيتري پابندي سان عِبَادت ڪندا هئا۔ پوءِ هتي اهو به غور ڪيو ته پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون مَصرُوفيتون ڪيتريون هيون؟ اسان تي عموماً هڪ گھر جي ذِميداري هوندي آهي، هڪ گھر جي ڪجھ ڀاتين جي سار سنڀار ڪرڻي پوندي آهي پر اسان جا آقا، ٻنهي جھانن جا داتا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سموري ڪائنات جا نبي آهن، نبوت جا فرائِض به ادا ڪندا هئا، صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي عِلمِ دِين به سيکاريندا هئا، نيڪي جي دعوت به ڏيندا هئا، غمخواري به ڪندا هئا، مريضن جي عيادت به ڪندا هئا، پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خِدمت ۾ ماڻهو فرياد کڻي ايندا هئا، اُنهن جو فرياد به ٻڌندا هئا، ۽ اسان جي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو ته اِهو شان آهي جو جانور به سندن بارگاھ ۾ ڏُک دَرد ٻُڌائيندا هئا، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُنهن کي به شفقت ۽ رحمت سان نوازيندا هئا۔

ايئن سوچيندا وڃو! ڪيتريون مَصرُوفيتون هيون، انهن سڀني مَصرُوفيتن جي باوُجُود پيارا آقا، نُورِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پابندي سان ۽ ڪثرت سان الله پاڪ جي عبادت ڪندا هئا۔

دُنيا ۾ اچڻ جو مقصد عبادت آهي

افسوس! هڪ اسان آهيون جو هر ڪم جي لاءِ وقت ڪڍي وٺندا آهيون، پيسا ڪمائڻا  هجن ته وقت ئي وقت آهي * گهمڻ ڦرڻ جي لاءِ وڃڻو هجي ته وقت ئي


 

 



[1]...مصنف عبدالرزّاق، باب قِرآۃُ السُّوَرِ فِی الرَّکْعَۃِ، جلد:2، صفحہ:95و96، حدیث:2845۔