Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

الله اَڪبَر! صحابي سڳورن عَلَيهمُ الرِّضْوَان جو ذوقِ عِبَادت صَد مرحبا...! انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي جسم ۾ تِير پيوست ٿي چڪو هو، ان جي باوُجُود سندن جسم کي ڪا حرڪت نه ڏني ۽ بدستور نماز ۾ مشغول رهيا، ظالِم دُشمن ٻيو تير هنيو، اهو به سندن جسمِ اَقدس ۾ لهي ويو، انصاري صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه هاڻي به نماز نه ٽوڙي، دُشمن ٽيون تير هنيو، اهو به صحابيءِ رسول رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي جسم ۾ پيوست ٿي ويو، هاڻي ان صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه جلدي مان رڪوع ۽ سجدو ڪيو، نماز مڪمل فرمائي ۽ پنهنجي ساٿي کي جاڳايو۔ تير هلائڻ واري ڪافِر جڏهن ڏٺو ته هي اڪيلا نه آهن، انهن جا ساٿي به ساڻ ئي آهن ته هو يڪدم ڀڄي ويو۔ هوڏانهن مهاجر صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه پنهنجي ساٿي کي زخمي حالت ۾ ڏٺو ته جلدي جلدي ان جي جسم مان تير ڪڍي پڇيو: اوهان تي دُشمن حملو ڪيو ته اوهان مون کي جاڳايو ڇو نه؟ ان تي قرآن ۽ نماز جي شيدائي ان انصاري صحابيءَ رَضِىَ اللهُ عَنۡه چيو: مون نماز ۾ هڪ سُورت جي تِلاوت شروع ڪئي هئي، مون اهو پسند نه ڪيو ته سُورت کي اڌ ۾ ڇڏي نماز ٽوڙيان۔ خُدا جو قسم! جيڪڏهن مون کي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پهري جي ذِميداري نه ڏني هجي ها ته مان پنهنجي جان ڏئي ڇڏيان ها پر سُورت ضرور مڪمل ڪيان ها۔([1])

عبادت میں ، ریاضت میں ، تلاوت میں لگا دے دل      رجب کا واسِطہ دیتاہوں فرما دے کرم مولیٰ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب!     صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

(2): حضرت عُروه بن زبير ۽ عِبَادت جي لذّت

حضرت عُروه بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پير ۾ جڏهن آڪِلَه جي بيماري ٿي (آڪِلَه ان ڦُرڙيءَ کي چوندا آهن جنهن جي سبب گوشت سڙي ڪري ڪرڻ  لڳندو آهي) ته طبيبن (Doctors) اها تجويز ڏني ته سندن پير ڪٽيو وڃي ته جيئن اهو زخم سڄي جسم ۾ نه ڦهلجي وڃي پر حضرت عُرۡوَه بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنۡه ان تي راضِي نه ٿيا. ۽ مسلسل انڪار ئي ڪندا رهيا۔ نيٺ ڊاڪٽرن کي چيو ويو: جڏهن هي نماز


 

 



[1]...عیون الحکایات، حصہ اول، صفحہ:33و34۔