Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

پڙهي رهيا هجن، تڏهن سندن پير ڪٽجو، ڊاڪٽرن ايئن ئي ڪيو، حضرت عُرۡوه بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنۡه نماز ادا فرمائي رهيا هئا ته سندن پير مبارڪ ڪٽيو ويو پر قربان وڃجي! حضرت عُرۡوه رَضِىَ اللهُ عَنۡه ايتري دِل جمعي سان نماز جي لذّت ۾ گم  ٿي نماز ادا ڪري رهيا هئا جو کين پير ڪٽجڻ جو اِحسَاس ئي نه ٿيو۔([1])

مانندِ شمع تیری طرف لو لگی رہے     دے لطف میری جان کو سوز و گداز کا

(3): حضرت مُسلِم بن يسار ۽ عِبَادت جي لذّت

  اِمَام اَحۡمَد بِن حَنْبَلرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: حضرت مُسلِم بن يسار رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ ڀيري نماز ادا فرمائي رهيا هئا، اوچتو سندن ويجھو ئي ڪنهن سبب باھ ڀڙڪي پئي، حضرت مُسلِم بن يسار رَضِىَ اللهُ عَنۡه نماز ۾ ايترا محو هئا جو کين باھ لڳڻ جو احساس ئي نه ٿيو، ايستائين جو ماڻهن اچي باھ وسائي۔([2])

(4):حضرت عبد الله بن زبير ۽ عِبَادت جي لذّت

صحابي رسول حضرت عبد الله بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا کي به عِبَادت جي لذّت جو ڪافِي حِصو نصيب ٿيو هو، پاڻ انتهائي خشوع و خضوع سان نماز ادا ڪندا هئا، هڪ ڀيري پاڻ نماز پڙھي رهيا هئا، قريب ئي سندن ننڍڙو پيارو پٽ موجود هو، اوچتو ڇت تان هڪ نانگ ٻارڙي جي ويجھو اچي ڪريو، ماڻهن نانگ نانگ چئي شور ڪيو ۽ آخرڪار نانگ کي ماريو ويو۔ ايترو ڪجھ ٿيڻ باوُجُود حضرت عبد الله بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا انهيء طرح نماز پڙھندا رهيا.([3])

حضرت عبد الله بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا جڏهن سجدي ۾ ويندا هئا ته ايترو ڊگھو سجدو ڪندا هئا جو جھرڪيون سندن مبارڪ پُٺي کي ديوار جو حصو سمجھي ان تي ويهي رهنديون هيون۔([4])


 

 



[1]...المدخل لابن الحاج، جلد:2، صفحہ:190۔

[2]...الزہدلاحمد بن حنبل، صفحہ:301۔

[3]...تاریخ دمشق، جلد:28، صفحہ:174۔

[4]...تاریخ دمشق، جلد:28، صفحہ:170۔