Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
ويهو، نه ته توهان جون دِليون مُرده ٿي وينديون۔ حوارين عرض ڪيو: مُردا ڪير آهن؟ فرمايائون: اَلرَّاغِبُوْنَ فِي الدُّنْيا اَلْمُحِبُّوْنَ لَهَا دُنيا ۾ رغبت رکڻ ۽ دُنيا سان محبت ڪرڻ وارا۔([1])
مِرا دل پاک ہو سرکار! دنیا کی محبت سے مجھے ہو جائے نفرت کاش! آقا مال و دولت سے
لذيز شيون کائيندو رهڻ دِل جي سختي جو سبب آهي
پيارا اسلامي ڀائرو! وڌيڪ کائڻ به دِل کي سخت ڪري ٿو، ان ڪري جيڪو عِبَادت جي لذّت جو طلبگار آهي، ان کي گھرجي ته بک کان گھٽ کائڻ جي عادت اپنائي۔ حضرت ابراهيم بن اَدھم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان ڪوھِ لبنان ۾ ڪيئي اَولياءِ ڪرام جي صحبت ۾ رهيس، انهن مان هر هڪ مون کي اهو ئي چيو: جڏهن ماڻهن ۾ وڃو ته انهن کي چار ڳالھين جي نصيحت ڪجو، انهن ۾ هڪ نصيحت هيءَ به هئي ته جيڪو گھڻو کائيندو ان کي عِبَادت جي لذّت نصيب نه ٿيندي۔([2])
حضرت امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: راھ آخرت تي هلڻ وارن بزرگ سڳورن رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي مبارڪ عادت هئي ته هو ٻوڙ هميشه نه بلڪه ڪڏهن ڪڏهن ئي کائيندا هئا ۽ نفس جي خواهشن کان بچندا هئا ڇوته انسان جيڪڏهن خواهش جي مطابق لذيذ شيون کائيندو رهي ته ان سان ان جو نفس سرڪش ٿي ويندو آهي ۽ دِل ۾ سختي پيدا ٿيندي آهي۔([3])
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه ُ عَلٰي مُحَمَّد