Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
نٿو پڙھي۔ ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمايو: ان کي اسان وٽ وٺي اچجو۔ پوءِ مُرِيد 2 ڏينهن کان بعد پنهنجي پٽ کي ساڻ ڪري حاضِر ٿيو ۽ عرض ڪيائين: سائين! فتح محمد حاضِر آهي۔ ميان شير محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نهايت پيار مان پڇيو: فتح محمد نماز ڇو نٿو پڙهين؟ عرض ڪيائين: نماز ۾ منهنجي دِل نٿي لڳي، جيڪڏهن نماز پڙھائڻي آهي ته دِل لڳايو۔
ميان شير محمد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه چٽائي تي ليٽيل هو، فتح محمد جي ڳالھ ٻُڌي جوش ۾ اُٿيو ۽ ڪلمي جي آڱر سان ان جي دِل جي طرف اشارو ڪري فرمايائون: وڃ! هاڻي دِل لڳندي۔ بَس الله پاڪ جي ڪامِل ولي جو ايترو ئي چوڻ هو، هاڻي فتح محمد جي اها ڪيفيت ٿي وئي جو ظهر جي نماز شروع ڪندو هو ته عصر تائين ظهر ئي مڪمل ٿيندي هئي، عشاء جي نيت ڪندو هو ته فجر ٿي ويندي هئي۔([1])
طیبہ سے منگائی جاتی ہے، سینوں میں چھپائی جاتی ہے
تَوحید کی مَے پیالے سے نہیں، نظروں سے پِلائی جاتی ہے
سُبْحٰنَ الله! پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو؛ عبادت جي لذّت حاصِل ڪرڻي هجي ته ان جي لاءِ نيڪ ماڻهن جي بارگاھ ۾ حاضِري به ڏني وڃي، ڪهڙي خبر ڪڏهن عنايت واري نگاھ پئي ۽ فتح محمد جيان بس هڪ ئي نظرِ ڪرم ۾ اسان جي دِل به روشن ٿي وڃي۔
نگاہِ مردِ مؤمن سے بدل جاتی ہیں تقدیریں
الله پاڪ اسان جي دِل جي سختي دُور فرمائي، اسان جي دِل روشن ٿئي، ڪاش! نمازن ۾ دِل لڳي وڃي، ڪاش! عبادت جو ذوق ۽ شوق اسان کي نصيب ٿي وڃي، اي ڪاش! صد هزار ڪاش! اسان کي عبادت جي لذّت به ملي ۽ ان تي استقامت به نصيب ٿي وڃي۔ آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔