Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
تنگي ٿيندي آهي، دِل دُنياوي ڪمن ۾ لڳل رهندي آهي، اهڙي صُورت ۾ گھرجي ته انسان نفس تي بَارُ وجھي عِبَادت ڪندو رهي، ڪندو رهي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! هڪ ڏينهن ايندو ته نفس عِبَادت جو عادِي ٿي ويندو ۽ دِل ۾ عِبَادت جي لذّت پيدا ٿي ويندي۔ الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ فرمائي ٿو:
مَنْ عَمِلَ صَالِحًا مِّنْ ذَكَرٍ اَوْ اُنْثٰى وَ هُوَ مُؤْمِنٌ فَلَنُحْیِیَنَّهٗ حَیٰوةً طَیِّبَةًۚ- (پاره:14،سورۂ نَحل:97)
ترجمو ڪنزُ العرفان: ۽ جيڪو مرد يا عورت نيڪ عمل ڪري ۽ اهو مسلمان هجي ته اسان ضرور ان کي پاڪيزه زندگي ڏينداسين.
هن آيت ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪو مسلمان مرد يا عورت نيڪ عمل ڪري، الله پاڪ ان کي چڱي پاڪيزه زِندگي عطا فرمائيندو۔ تفسير خازِن ۾ آهي: هڪ قول جي مطابق ان چڱي زندگي مان عِبَادت جي لذّت مراد آهي۔([1]) يعني جيڪو مسلمان چڱا عمل ڪري، الله پاڪ ان کي عِبَادت جي لذّت عطا فرمائيندو۔ هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائي ٿو: مان 20 سالن تائين مشقت سان نمازون پڙھندو رهيس، ان کان بعد مون کي عِبَادت جي لذّت نصيب ٿي۔([2])
پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪڏهن اسان عِبَادت جي لذّت چاهيون ٿا ته فرائض جي ادائيگي سان گڏوگڏ نفلن جي ڪثرت ڪرڻ گھرجي، نفل نمازون پڙھون، نفل روزا رکون، نفل صدقو ۽ خيرات ڪيون۔ ان جي برڪت سان به اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عبادت جي لذّت نصيب ٿيندي۔ حديثِ قدسي ۾ آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو: ٻانهو نفلن جي ذريعي منهنجو قرب حاصِل ڪندو رهي ٿو، ايستائين جو مان ان کي پنهنجو محبوب (يعني پيارو) بڻائي وٺان ٿو۔([3])