Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
اسان نمازن کان بعد گھري وٺون ٿا * اها به ڪيئن گھرون ٿا؟ * اسان جو دُعا گهرڻ جو انداز ڪهڙو هوندو آهي؟ * دُعا ۾ اسان جو ڌيان ڪٿي هوندو آهي؟ * دُعا ۾ خشوع ۽ خضوع ڪيترو هوندو آهي؟ اُهي سڀئي شيون ڌيان طلب آهن۔
نهايت افسوس جي ڳالھ آهي! * اسان عِبَادت کان، زِندگي جي اَصل مقصد کان پري ٿي ويا آهيون * نمازن جو ذوق ۽ شوق گھٽ ٿي ويو * دُعا گھرڻ جو رجحان گھٽ کان گھٽ ٿيندو ويو * اسان قرآنِ ڪريم کي ادب سان اَلماڙي ۾ سجائي ته رکيو پر ان جي تِلاوت ڪري دِلين جو زنگ پري نه ڪيو تنهنڪري اسان جا حالات بگڙجندا ويا * اڄ اسان جو معاشرو تباهي ڏانهن وڌندو ئي وڃي پيو * گھرن ۾ جھيڙا آهن * سڪون نه آهي * ڪاروباري مسئلا آهن* دِلين ۾ بي چيني آهي * پاڻ ۾ محبتون گھٽجي رهيون آهن * هڪٻئي جو احترام گھٽ کان گھٽ ٿيندو پيو وڃي * معاشري ۾ پريشانيون ڏينهو ڏينهن وڌنديون پيون وڃن، هي سڀ ڇا آهي؟ هي پنهنجي مقصد کان مُنهن موڙڻ جو نتيجو آهي، عِبَادت کان پري رهڻ جو اَثَر آهي.
عبادت میں گزرے مِری زندگانی کرم ہو کرم یاخدا یا الٰہی
دے شوقِ تلاوت دے ذوقِ عبادت رہوں بَاوُضو میں سدا یا الٰہی
پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جيڪڏهن سڪون چاهيون ٿا، دُنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابين جا خواهش مند آهيون ته ان جي لاءِ اسان کي پنهنجي مقصد کان ڳنڍجڻو پوندو، پنهنجي بزرگن جي سيرت مان رهنمائي وٺڻي پوندي ۽ عبادت ۾ دِل لڳائڻي پوندي۔ ان کان علاوه انسان جي عزّت جو ڪو طريقو نه آهي۔
انسان جي اَصل عزّت عبادت ۾ آهي
والِدِ اعليٰ حضرت مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: تمام ڪمالات جي اَصل عِبَادت آهي ۽ انسان جي اَصل عزّت بارگاھ الٰهي ۾ مٿو جھڪائڻ ئي