Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
حضرت اِبْنِ اَبُو مُلَيڪه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: خدا جو قسم! مون عبد الله بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا جهڙو ڪو ٻيو نه ڏٺو، هڪ ڏينهن پاڻ نماز ادا فرمائي رهيا هئا ته مَنْجَنِيق (يعني پٿر اڇلائڻ واري توپ جهڙا اوزار) سان هلايل هڪ پٿر سندن ڏاڙھي ۽ سيني جي وچان گذريو، پر حضرت عبد الله بن زبير رَضِىَ اللهُ عَنۡهمَا ايتري خشوع و خضوع سان نماز ادا فرمائي رهيا هئا جو خُدا جو قسم!سندن اکين ۾ ڪو خوف ڏسڻ ۾ نه آيو ۽ نه ئي قرائت ۾ ڪو فرق پيو، پاڻ جيئن اطمينان سان نماز ادا فرمائي رهيا هئا، ايئن ادا فرمائيندا رهيا۔([1])
(5): حضرت رابعه بصريه ۽ عِبَادت جي لذّت
حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها ڏينهن رات عبادت ۾ مَصْرُوف رهڻ واريون وَلِيه هيون، پاڻ روزانو هڪ هزار نفل ادا ڪنديون هيون ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها 50 سال ايئن گذاريا جو ڪڏهن وهاڻي تي مٿو نه رکيائون۔ تَنْبِيْهُ الغَافِلِيْن ۾ آهي: هڪ ڏينهن حضرت رابعه بصريه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها نماز ادا ڪري رهيون هيون، جڏهن پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها سجدي ۾ ويون ته چٽائي جو ڪک سندن اک ۾ پئجي ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها ان (جي باوجود) دِل جمعي سان بارگاھ اِلٰهي ۾ (اهڙي طرح) متوجھ رهيون جو جيستائين نماز ۾ رهيون ڪک جو احساس تائين نه ٿيو۔([2])
مير عبد الواحِد بالگرامي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه لکن ٿا: نماز کان بعد پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡها ڪنهن کي فرمايو: ڏسو ته منهنجي اک ۾ ڪا شيء کٽڪي رهي آهي۔ ڏٺو ويو ته مُصَلي جو چُونهبيارو ڪک اک ۾ هليو ويو هو ۽ ان سبب سندن اک زخمي ٿي چڪي آهي۔ ڏسڻ واري چيو: اي سَيده! اوهان جي اک زخمي ٿي وئي ۽ اوهان کي احساس تائين نه ٿيو؟ فرمايائون: مان نماز ۾ هيس، هي واقعو ٿي ويو، جڏهن مان پنهنجي خدا جي سامهون هوندي آهيان، جيڪڏهن تمام دوزخ به منهنجي اک تان گذاريو ته خوفِ اِلٰهي جي سبب مون کي خبر به نه پئي۔([3]) ڪنهن فارسي شاعِر چيو آهي: