Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
اي عاشقانِ رسول! الله پاڪ اسان کي عبادت ۽ رياضت جي توفيق عطا فرماءِ۔ يقين مڃو! دُنيا ۾ جيڪو ڪجھ موجود آهي، الله پاڪ جي عِبَادت هنن سڀني کان وڌيڪ لذيذ آهي۔ مسئلو هي آهي ته اسان دُنياوي لذّتن ۾ گم ٿي ويا آهيون، عِبَادت ۽ رياضت جي جيڪا اهميت آهي، اسان اها اهميت ان کي ناهي ڏني، ان ڪري اسان کي دُنياوي ڪمن ۾ جيڪا لذّت ملي ٿي، عِبَادت ۾ اهڙي لذّت نٿي ملي۔ جيڪڏهن اسان عِبَادت ڪرڻ وارا بڻجي وڃون ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عِبَادت جي اهڙي لذّت نصيب ٿيندي جو عِبَادت ڪرڻ بنا زِندھ رهڻ مشڪل لڳندو۔ الله پاڪ جو هڪ نيڪ ٻانهو جيڪو ڪثرت سان عِبَادت ڪندو هو، اهو فرمائي ٿو: جيڪا لذّت ۽ نعمت اسان کي نصيب آهي، جيڪڏهن دُنياوي بادشاھ ان کي سڃاڻي وٺن ها ته هو تلوارن جي ذريعي اسان کان جنگ ڪن ها۔([1])
يعني دُنياوي بادشاھ جھڙي طرح تاج ۽ تخت تي قبضو ڪرڻ جي لاءِ پاڻ ۾ جنگ ڪندا آهن، جيڪڏهن انهن کي معلوم ٿئي ها ته عِبَادت ۾ ڪيتري لذّت آهي ته اهي تاج ۽ تخت جا نه بلڪ عِبَادت جي لذّت جا شيدائي ٿي وڃن ها۔
سڪرات جي وقت روئڻ جو سبب
روايت آهي ته صحابي رسول، حضرت معاذ بن جبل رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو آخري وقت آيو ته پاڻ روئڻ لڳا، عرض ڪيو ويو: سائين! اوهان ڇو روئي رهيا آهيو؟ فرمايائون: ان ڪري روئي رهيو آهيان جو موت کان بعد مان گرمين جي روزي جي اُڃ ۽ سردين جي راتين ۾ نمازون پڙھڻ کان محروم ٿي ويندس ۽ عالم سڳورن جي ذِڪر جي حلقن ۾ حاضِر نه ٿي سگھندس۔([2])