Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
اِنَّا عَرَضْنَا الْاَمَانَةَ عَلَى السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضِ وَ الْجِبَالِ فَاَبَیْنَ اَنْ یَّحْمِلْنَهَا وَ اَشْفَقْنَ مِنْهَا وَ حَمَلَهَا الْاِنْسَانُؕ-
(پاره:22،سورۂ اَحزاب:72)
ترجمو ڪنزالعرفان: بيشڪ اسان آسمانن ۽ زمين ۽ جبلن تي امانت پيش فرمائي ته انهن ان جي کڻڻ کان انڪار ڪيو ۽ اُن کان ڊڄي ويا ۽ انسان ان امانت کي کڻي ورتو.
آيت ۾ امانت مان نمازون ۽ هر اهو ڪم مراد آهي جنهن جي ڪرڻ تي ثواب ملي ۽ نه ڪرڻ تي گُنَاھ ٿئي۔([1])
افسوس! اسان کي هر ڪم ياد رهندو آهي * کاڌو ناهيون ويساريندا * پيئڻ ناهيون وساريندا* نوان ڪپڙا وٺڻ ناهيون وساريندا * موبائِل جو نئون ماڊل اچي ته جيستائين خريد نه ڪيون، سڪون ناهي ايندو * گاڏين جا نوان نوان ماڊل ڌيان ۾ رکندا آهيون * ها! ڌيان نٿو رهي ته سڀ کان اهم ڪم يعني عبادت ڏانهن ڌيان ناهي ويندو * قبر جو فِڪر نٿو رهي * قبر جي وَحشت ڏانهن ڌيان نٿو وڃي * قبر ۾ جڏهن نڪيرين (يعني ملائڪ) سوال پڇندا ان تنهائي ۾، وحشت ۾ ڪهڙو جواب ڏيڻو آهي؟ ڪيئن ڏئي سگھنداسين؟ * قيامت جي گرمي ۾ اسان جو ڇا ٿيندو؟ * جڏهن اعمال نامو کوليو ويندو، ان وقت ڪهڙو حال هوندو؟ * پُل صِراط تان ڪيئن لنگھنداسين؟ * افسوس! جنّت ٺڪاڻو ٿيندو يا جهنّم ۾ وڃڻو پوندو؟ * اسان جو ڌيان ناهي هوندو ته انهن ڳالھين ڏانهن ناهي هوندو۔
ڪاش! اسان فِڪرِ آخرت وارا بڻجي وڃون، ڪاش! عبادت جو ذوق مِلي وڃي، ڪاش! صد ڪروڙ ڪاش! دُنيا جي محبت دِل مان نڪري وڃي، ڪاش! الله پاڪ جي رضا ماڻڻ جو فِڪر ملي وڃي۔