Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
۾ آهي۔([1]) قرآنِ مجيد ۾ اِرشاد ٿئي ٿو:
مَنْ كَانَ یُرِیْدُ الْعِزَّةَ فَلِلّٰهِ الْعِزَّةُ جَمِیْعًاؕ- (پاره:22،سورۂ فاطر:10)
ترجموڪنزالعرفان: جيڪو عزت جو طلبگار هجي ته سڄي عزت الله ئي وٽ آهي
هن آيت جي تفسير ۾ حضرت قتاده ر َضِي الله عَنْه فرمائن ٿا: مَنْ کَانَ یُرِیْدُ الْعِزَّۃَ فَلْیَتَعَزِّزْ بِطَاعَۃِ اللہ جيڪو عزّت چاهي، ان کي الله پاڪ جي اِطاعت ۾ طلب ڪري يعني عزّت خدا جي بندگي(ٻانهپ) سان حاصِل ٿيندي آهي۔([2])
عام طور تي ذهنن ۾ اهو کُٽڪو رهي ٿو ته اسان نماز ته پڙھون ٿا، تِلاوت به ڪيون ٿا، جيترو ٿي سگھي عبادت ڪيون ٿا پر عِبَادت ۾ دِل نٿي لڳي، عِبَادت جي لذّت نصيب نٿي ٿئي۔ هن بابت سڀ کان پهرين ڳالھ ته اها ذهن نشين رکو ته عِبَادت ۾ دِل لڳڻ، خشوع و خضوع حاصِل ٿيڻ، عِبَادت جي لذّت نصيب ٿيڻ، الله پاڪ جي وڏي نعمت آهي، البته جيڪڏهن اها نعمت نه به ملي، تڏهن به عِبَادت جاري رکڻ گھرجي، ڪي وري عِبَادت جي لذّت نه ملڻ سبب عِبَادت ڪرڻ ئي ڇڏي ڏيندا آهن۔ اهڙن کي سمجھائيندي شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: دِل لڳي نه لڳي، توهان لڳل رهو۔
لهٰذا عِبَادت جي لذّت نه به ملي، دِل نه به لڳي، پوءِ به عِبادت ڪندو رهڻ گھرجي، الله پاڪ چاهيو ته هڪ نه هڪ ڏينهن عِبَادت جي لذّت جي نعمت به مِلي ئي ويندي۔
عِبَادت جي لذّت مشقت سان ملي ٿي
ياد رکو! اسان جو نفس عام طور تي عِبَادت جو عادِي ناهي هوندو، ان ڪري شروع ۾ ان کي عِبَادت ۾ مشڪل ٿيندي آهي، عِبَادت ۾ دِل ناهي لڳندي،