Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

3شيون ڇڏي ڏيو ته عِبَادت جي لذّت ملي ويندي

حضرت احمد بن حرب رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان 50 سال الله پاڪ جي عبادت ڪندو رهيس، مون 3 شين کي ڇڏيو ته عبادت جي لذّت مِلي وئي؛ (1): مون ماڻهن جي رِضا کي ڇڏي ڏنو (يعني ماڻهو ڇا چوندا اهو فِڪر ڇڏي اِهو ذهن بڻايو ته منهنجو الله پاڪ ڪهڙي ڳالھ ۾ راضي آهي) (2): مون فاسِقن (يعني اعلانيه گناھ ڪندڙن) جي صحبت کي ڇڏيو ۽ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪئي (3): مون دُنيا جي لذّت کي ڇڏيو، ايستائين جو آخرت جي لذّت حاصِل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ويس۔([1])

عِبَادت جي لذّت ماڻڻ جو هڪ بهترين طريقو

 پيارا اسلامي ڀائرو! عِبَادت ۾ لذّت ماڻڻ جو هڪ بهترين طريقو هي به آهي ته اسان الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي صحبت اختيار ڪيون، الحمد لله! الله پاڪ جي نيڪ ماڻهن وٽ اُٿڻ ويهڻ سان، ان جون ڳالھيون ٻڌڻ، انهن ڏانهن محبت سان ڏسڻ ۽ ان جي سيرت اپنائڻ جي برڪت سان دِل جي سختي پري ٿيندي آهي ۽ فِڪرِ آخرت نصيب ٿيندي آهي۔ حضرت جعفر بن سليمان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان جڏهن پنهنجي دِل ۾ سختي ڏسندو هيس ته صبح سويري حضرت محمد بن واسع رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خِدمت ۾ حاضِر ٿي ويندو هيس، ان جي برڪت سان مون کي فائدو پهچندو هو۔([2])

فتح محمد نمازي بڻجي ويو

ميان شير محمد شرقپوري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڪستان جي مشهور اَولياءِ ڪرام مان آهن، هڪ ڀيري هڪ مريد سندن خِدمت ۾ عرض ڪيو: سائين! منهنجو هڪ پٽ آهي: فتح محمد۔ مون ان کي وڏي شوق سان حافِظِ قرآن بڻايو پر هو نماز


 

 



[1]...تاریخ الاسلام، جلد:6، صفحہ:184۔

[2]...حِلْیَۃُ الْاَوْلیا، جلد:2، صفحہ:395۔