Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

لڳي * نماز پڙھڻ ۾ لطف اچي * تلاوت ڪندي اکين ۾ لڙڪ اچن * الله پاڪ جي بارگاھ ۾ مُناجات جي لذّت ملي * درود شريف پڙھي ته دِل عشقِ مصطفيٰ سان لبريز ٿي وڃي * گنبدِ خضريٰ جو تَصَوُّر اچي * عبادت دوران فضول خيالات تنگ نه ڪن ته ان کي گھرجي ته ڳائڻ وڄائڻ ٻڌڻ کان بچي * اکين کي * ڪنن کي * هٿن کي ۽ ٻين عضوئن کي گنَاهن کان بچائي * فُضُول گوئي کان بچي * ڪوڙ * غيبت چغلي * الزام تراشي وغيره کان هر دَم بچندو رهي، اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! دِل نرم ٿيندي ۽ عِبَادت ۾ لذّت نصيب ٿيندي۔

صَلُّوا عَلَي الحَبيب!                                                صَلَّي اللّٰه ُعَلٰي مُحَمَّد

فِڪرِ آخرت اپنايو!

پيارا اسلامي ڀائرو! جيڪو ٻانهو عِبَادت جي لذّت جو طلبگار آهي، ان کي گھرجي ته دِل مان دُنيا جي محبت ڪڍي ۽ فِڪرِ آخرت اپنائي۔ ان جي برڪت سان اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عبادت ۾ لذّت ۽ يڪسوئي نصيب ٿيندي۔ حضرت اَبُوعبد الله قرشي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ شخص ڪنهن نيڪ بزرگ جي خدمت ۾ عرض ڪيو: سائين! مان نيڪي ڪيان ٿو پر دِل ۾ نيڪي جي لذّت نٿو حاصل ڪيان۔ الله پاڪ جي ان نيڪ ٻانهي فرمايو: توهان جي دِل ۾ اِبلِيس جي ڌيء يعني دُنيا رهي ٿي ۽ يقيناً پيءُ (يعني شيطان) پنهنجي ڌيء (دُنيا) سان ملڻ توهان جي دِل ۾ ايندو رهي ٿو، ظاهر آهي، ابليس جڏهن به توهان جي دِل ۾ ايندو، فساد ئي پکيڙيندو، اهو ئي سبب آهي جو توهان کي نيڪي جي لذّت نٿي ملي۔([1]) روايت آهي، الله پاڪ پنهنجي نبي حضرت داؤد عَلَيه السَّلَام کي فرمايو: اي داؤد! جيڪڏهن مون سان محبت ڪيو ٿا ته دُنيا جي محبت دِل مان ڪڍي ڇڏيو! بيشڪ منهنجي محبت ۽ دُنيا جي محبت هڪ دِل ۾ گڏ نه ٿي سگھندي۔([2])

   هڪ ڀيري حضرت عيسيٰ عَلَيه السَّلَام پنهنجي حوارين کي فرمايو: مُردَن وٽ نه


 

 



[1]...تفسیر روح البیان، پارہ:4، سورۂ آلِ عمران، زیرِ آیت:189، جلد:2، صفحہ:149۔

[2]...مُکاشفۃ القلوب مترجم، صفحہ:317۔