Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

سخت دِلي عِبَادت جي لذّت ۾ رُڪاوٽ آهي

اي عاشقانِ رسول! عِبَادت ۾ لذّت نصيب نه ٿيڻ جو سڀ کان اَهم ۽ بنيادي سبب دِل جي سختي آهي، جيڪڏهن اسان کي دِل جي نرمي نصيب ٿي وڃي ته اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! عبادت جي لذّت پاڻهي ئي مِلي ويندي۔ لهٰذا جيڪو عبادت جي لذّت چاهي ٿو، ان کي گھرجي ته پنهنجي دِل نرم ڪري، اهڙا عمل ڪري جيڪي دِل کي نرم ڪن ٿا ڇوته هر  اهو ڪم جيڪو دِل جي نرمي  جو ذريعو آهي، ان جي برڪت سان عبادت جي لذّت به نصيب ٿيندي آهي ۽ هر اهو ڪم جيڪو دِل جي سختي جو سبب آهي اهو عِبَادت جي لذّت کان محروم ڪندو آهي۔

گُنَاهن جي سبب دِل سخت ٿيندي آهي

مثال طَور گُنَاهن جي ڪري دِل سخت ٿيندي آهي ۽ توبه جي برڪت سان دِل جي نرمي نصيب ٿيندي آهي، لهٰذا جيڪو ٻانهو گُنَاهن ۾ مُلَوِّث هجي، ان کي عبادت جي لذّت ملڻ سخت دُشوار آهي۔ هڪ ڀيري حضرت وُهيب بن وَرد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو ويو: جيڪو ٻانهو الله پاڪ جي نافرماني ڪري، ڇا ان کي عبادت جي لذّت ناهي ملندي؟ فرمايائون: ها! جيڪو گُنَاھ ڪري ٿو ان کي به عِبَادت جي لذّت نصيب ناهي ٿيندي ۽ جيڪو گُنَاھ جو ارادو ڪري اهو به عبادت جي لذت کان محروم رهي ٿو۔([1])

حضرت عبد الله بن خَبِيق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا:”ناحق ڳالھيون ٻڌڻ“ دِل تان عِبَادت جي لذّت جو نُور وسائي ڇڏيندو آهي۔([2])

 الله اَڪبَر! پيارا اسلامي ڀائرو! ڳائڻ وڄائڻ * ڪوڙ * غيبت * چغلي وغيره گُنَاهن ڀريون ڳالھيون ناحق ڳالھيون آهن، ان کي ٻڌڻ سان ماڻهو عِبَادت جي لذّت کان محروم ٿي ويندو آهي، لهٰذا جيڪو چاهي ٿو ته ان جو عبادت ۾ دِل


 

 



[1]...شُعَبُ الایمان، جلد:5، صفحہ:447، حدیث:7225۔

[2]...حِلْیَۃُ الاَولیا، جلد:10، صفحہ:177۔