Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

جون بيشُمار ڀلائيون نصيب ٿينديون۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: نيڪ اعمال

الحمد لله! شيخ طريقت امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مُرِيدن کي پنهنجي اِصلاح جي لاءِ بهترين نسخو ڏنو آهي ۽ اهو آهي: رسالو نيڪ اَعْمَال۔ اوهان به جيب واري سائز جو اهو مختصر رِسالو مڪتبة المدينه تان حاصل ڪريو، ان کي پڙهو، ان جي مُطَابق زِندگي گذاريو ۽ روزانو پنهنجي عملن جو مُحَاسَبو ڪيو۔ اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻبو، دِل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار اُجرو  ۽  سٿرو ، خوبصُورت ٿي ويندو۔

مدني بهار

ڪراچي جي علائقي نيو ڪراچي جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي: علائقي جي مسجد ۾ امام صاحب جيڪو دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته آهي، انهن انفرادي ڪوشش ڪندي (يعني سمجھائيندي) منهنجي وڏي ڀاءُ کي نيڪ اعمال جو  رسالو تحفي ۾ ڏنو، اُن گھر کڻي اچي پڙھيو ته حيران  ٿي ويو ته هن مختصر رسالي ۾ هڪ مسلمان کي اسلامي زندگي گذارڻ جو ايترو زبردست فارمولو ڏنو ويو آهي، بس نيڪ اعمال جو رسالو انهن جي زندگي ۾ انقلاب کڻي آيو ان جي برڪت سان الحمدلله! ان کي نماز جو جذبو مليو ۽ نمازِ باجماعت جي ادائيگي جي لاءِ مسجد ۾ حاضِر ٿي ويو ۽ هاڻي 5 وقت جو نمازي بڻجي چڪو آهي، ڏاڙهي مبارڪ به سجائي ورتي آهي ۽ نيڪ اعمال جو رسالو به ڀريندو آهي ۔([1])

تُو ولی اپنا بنالے اُس کو ربِّ لَم یَزَل      ’’مَدنی اِنعامات‘‘ پرکرتا ہے جو کوئی عمل

نوٽ: دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول ۾ مدني انعامات کي هاڻي نيڪ اَعْمَال چيو ويندو آهي۔


 

 



[1]...جنت کے طلب گاروں کے لئے مدنی گلدستہ، صفحہ:14۔