Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

ڪو ڪيڙو وغيره هجي ته نڪري وڃي * سمهڻ کان اڳ هيءَ دعا پڙهي وٺو؛ اَللّٰھُمَّ بِاسْمِکَ اَمُوْتُ وَ اَحْیَا ترجمو؛ اي الله پاڪ! مان تنهنجي نالي سان ئي مران ٿو ۽ جيان ٿو (يعني سمهان ٿو ۽ جاڳان ٿو) * ڏينهن جي ابتدائي حصي ۾ سمهڻ يا مغرب ۽ عشاء جي وچ ۾ سمهڻ مڪروه آهي * ٻنپهرن جو قيلولو (ڪجھ دير ليٽڻ) مستحب آهي * سمهڻ لاءِ مستحب اهو آهي ته پاڪائي سان سمهي ۽ ڪجھ دير ساڄي پاسي هٿ ڳل جي هيٺان رکي قبلي ڏانهن منهن ڪري سمهي ۽ ان کان پوءِ کاٻي پاسي سمهي * سمهڻ وقت قبر ۾ سمهڻ کي ياد ڪري جو اُتي اڪيلو سمهڻو پوندو عملن کان سواءِ ڪير به گڏ نه هوندو * سمهڻ وقت ياد خدا ۾ مشغول هجي، تهليل، تسبيح ۽ تحميد پڙهي۔ (يعني لَآ اِلٰـہَ اِلَّا اللهُ، سُبْحٰانَ اللهِ، ۽ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ جو وِرد ڪندو رهي) ايستائين جو ننڊ اچي وڃي جو انسان جنهن حالت تي سمهندو آهي اُن تي ئي اٿندو آهي ۽ جنهن حالت تي مرندو آهي اُن تي ئي قيامت جي ڏينهن اٿندو۔ * جاڳڻ کان پوءِ هي دعا پڙهو؛ اَلْحَمْدُ لِلّٰہِ الَّذِیْٓ اَحْیَانَا بَعْدَ مَا اَمَاتَنَا وَ اِلَیْہِ النُّشُوْرُ۔([1]) ترجمو؛ سڀ تعريفون الله پاڪ جي لاءِ آهن جنهن اسان کي مارڻ کان پوءِ زندهه ڪيو ۽ انهيءَ ڏانهن موٽي وڃڻو آهي * جڏهن ڇوڪري يا ڇوڪرِيءَ جي ڄمار ڏهه سال ٿئي ته انهن کي الڳ الڳ سمهارڻ گھرجي بلڪ ان ڄمار جو ڇوڪرو ايڏي وڏي (يعني پاڻ جيڏن) ڇوڪرن يا (پاڻ کان وڏن) مردن سان گڏ نه سمهاري * ڇوڪرو جڏهن حد شهوت تائين پهچي ته اُهو مرد جي حڪم ۾ آهي * ننڊ مان سجاڳ ٿي ڏندڻ ڪريو * رات جو ننڊ مان سجاڳ ٿي تهجُّد ادا ڪريو ته وڏي سعادت آهي۔([2]) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”فرضن کان بعد افضل نماز رات جي نماز آهي۔([3])

میں سو جاؤں یا مصطفےٰ کہتے کہتے        کھلے آنکھ صَلِّ علیٰ کہتے کہتے

مختلف سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي ”بهارِ شريعت“ جلد:3،


 

 



[1]...بخاري حديث 6325، ج 4 ص 196

[2]...550سنتیں اور آداب، صفحہ:38ـ40۔

[3]...مسلم، کتاب الصیام، باب:فَضْلِ صَوْمِ الْمُحَرَّم، صفحہ:424، حدیث:1163۔