Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?

تاج و تخت و حکومت مت دے       کثرتِ مال و دولت مت دے

  اپنی رضا کا دیدے مُثردہ         یااللہ! مری جھولی بھر دے([1])

اسان جي زِندگي جو مقصد

سيپاري 27، سُوْرَتُ الذَّارِيات، آيت:56 ۾ الله پاڪ فرمائي ٿو:

وَ مَا خَلَقْتُ الْجِنَّ وَ الْاِنْسَ اِلَّا لِیَعْبُدُوْنِ(۵۶)   (پارہ:27،سورۂ ذاریات:56)

ترجموڪنز العرفان: ۽ مون جن ۽ انسان ان لاءِ پيدا ڪيا ته منهنجي عبادت ڪن.

هن آيت مان معلوم ٿيو ته اسان هن دُنيا ۾ الله پاڪ جي عِبَادت ئي جي لاءِ آيا آهيون۔ لهٰذا اسان کي گھرجي ته اسان عِبَادت کي هر شيء کان وڌيڪ اهميت ڏيون، باقِي ڪجھ  وسري ٿو ته ڀلي وسري، عِبَادت ۾ سستي هر گز نه اچڻ ڏيو۔ حضرت سفيان بن عُيينَه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: حضرت قيس بن مسلم رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي عادت هئي ته پاڻ سڄي رات نمازون پڙھندا رهندا هئا، سحري جي وقت ويهي رهندا هئا ۽ الله پاڪ جي بارگاھ  ۾ گريه و زاري ڪندي (يعني لڙڪ وهائيندي) چوندا هئا: هي اهو ڪم آهي، جنهن جي لاءِ اسان کي پيدا ڪيو ويو، خدانخواسته جيڪڏهن اسان جو اِختتام خير سان نه ٿيو ته اسان هلاڪ ٿي وينداسين۔([2])

گر تُو ناراض ہوا تو میری ہلاکت ہوگی      ہائے میں نارِ جہنم میں جلوں گا یاربّ

عفْو کر اور سدا کے لئے راضی ہوجا       گر کرم ہوگا تو جنت میں رہوں گا یاربّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ  عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...وسائل بخشش، صفحہ:123۔

[2]...صفۃ الصفوۃ، جزء:3، جلد:2، صفحہ:84۔