Book Name:Ibadat Ki Lazzat Kaisay Hasil Ho?
مِقدار آرام فرمائيندا هئا، ايئن ئي ڪندا رهندا هئا ايستائين جو فجر ٿي ويندي هئي۔ ([1]) حضرت جابِر رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: پيارا آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آرام فرمائڻ کان بعد جڏهن به بيدار ٿيندا هئا ته مسواڪ ڪرڻ بعد تازو وُضُو ڪري نماز ادا ڪندا هئا۔([2])
صحابيء رسول حضرت حذيفه رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: هڪ رات الله پاڪ جا آخري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مسجد ۾ نماز ادا فرمائي رهيا هئا، مون موقعي کي غنيمت سمجھي پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پٺيان بيهي سندن اِقتدا ۾ نماز شروع ڪئي۔ الله پاڪ جي رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نماز دوران سورت بقره جي تِلاوت شروع فرمائي، مان دِل ۾ خيال ڪري رهيو هئس ته حُضُور، جانِ ڪائنات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 100 آيتون پڙھي رڪوع فرمائيندا پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 100 آيتن تي رڪوع نه ڪيو بلڪ اڳتي پڙهندا ويا، هاڻي مون خيال ڪيو ته 200 آيتن تي رڪوع فرمائيندا پر پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 200 آيتن تي به رڪوع نه فرمايو۔ هاڻي مون کي خيال ٿيو ته حُضُورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پُوري سورت بقره (يعني تقريباً اڍائي سيپارا) مڪمل پڙھي رڪوع فرمائيندا۔ سورت بقره مڪمل ٿي پر پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اڃا به رڪوع نه فرمايو بلڪ سورت آلِ عمران شروع فرمايائون۔ هاڻي مان سوچي رهيو هئس ته حُضُور سورت آلِ عمران مڪمل تلاوت ڪري رڪوع فرمائيندا۔ (پر منهنجو خيال هن ڀيري به درست نه نڪتو)، جانِ عالَم، نورِ مجسم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سورت آلِ عِمرَان مڪمل فرمائي (يعني پوڻا 4 سيپارا تِلاوت فرمائي ورتا) پر رڪوع نه ڪيائون بلڪه سورۂ نِسَآء شروع فرمائي۔
حضرت حذيفه رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: مون سوچيو شايد حُضُور سورت نِسَآء مڪمل ڪري رڪوع فرمائيندا، هن ڀيري به منهنجو خيال دُرست نه هو، جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سورت نِسَآء مڪمل ڪئي (يعني سوا 5