Book Name:Bandon kay Huquq

ڪيتري قدر نصيب وارو آهي جو ان جو نالو پيءُ جي نالي سان گڏ بارگاهه رسالـت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ۾ پيش ڪيو ويندو آهي، هتي هي نڪتو به نهايت ئي ايمان افروز آهي جو قبر منور تي حاضر فرشتي کي ايتري قدر زياده ٻڌڻ جي قوت عطا ڪئي وئي آهي جو اهو دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ مان هڪ ئي وقت جي اندر دُرُود شريف پڙهڻ وارن لکين مسلمانن جو گھڻو آهسته آواز به ٻڌي وٺندو آهي۔ جڏهن دربار جي خادم جي ٻڌڻ جي قوت جو هي حال آهي ته سرڪارِ والاتبار، مڪي مديني جي تاجدار، محبوب پروردگار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اختيارات جو ڇا شان هوندو! اهي ڇو نه پنهنجي غلامن کي سڃاڻيندا ۽ ڇو نه انهن جي فرياد ٻڌي بِاِذن الله تعالٰي (يعني الله تعالى جي اجازت سان) انهن جي مدد فرمائيندا!

اور کوئی غیب کیا تم سے نہاں ہو بھلا        جب نھ خدا ہی چُھپا تم پہ کروڑوں دُرُود

میں قُربان اِس اَدائے دَست گیری پر مرے آقا     مدد کو آگئے جب بھی پُکارا یا رسول اللہ

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا.

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ  ج 6، ص 185، الحديث: 5942) 

ٻه مدني گُل:

      (2)  جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.