Book Name:Bandon kay Huquq

ڪنهن کي غير محل ۾ خرچ ڪرڻ، ڪنهن کي بغير قصور جي سزا ڏيڻ.

(مراٰة، ج. 6، ص.669)

ياد رکو! ظلم جو انجام ڏاڍو ئي خوفناڪ ۽ خطرناڪ آهي. ظالم شخص آخرت ۾ ته عذاب جو شڪار ٿيندو ئي آهي پر ڪڏهن ڪڏهن اهڙو شخص دنيا ۾ به مشڪل حالات کان پريشان ٿيندو آهي.

حضرت سيدنا ابو موسى اشعري رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَـنْهُ کان روايت آهي ته سرڪار مدينهءِ منوره، سردار مڪهءِ مڪرمه صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم فرمايو: بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ ظالم کي مُهلت ڏيندو آهي ايتري تائين جو جڏهن ان کي پنهنجي پڪڙ ۾ وٺي ٿو پوءِ انهيءَ کي ناهي ڇڏيندو۔ هي ٻڌي سرڪار نامدار صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 12هين سيپاري سورهءِ هود جي آيت 102 تلاوت فرمائي۔

وَ کَذٰلِکَ اَخۡذُ رَبِّکَ اِذَاۤ اَخَذَ الۡقُرٰی وَ ہِیَ  ظَالِمَۃٌ ؕ اِنَّ  اَخۡذَہٗۤ  اَلِیۡمٌ شَدِیۡدٌ ﴿۱۰۲﴾

ترجمو ڪنزالايمان: ۽ اهڙي ئي طرح پڪڙ آهي تنهنجي رب جي جڏهن ڳوٺن کي پڪڙي ٿو انهن جي ظلم تي، بيشڪ ان جي پڪڙ سخت درد ناڪ آهي۔

(پ 12 هود 102)

(صحيح البخاري ج 3، ص 247، حديث 4686)

ٻانهن جا حقوق ۽ فرامينِ مصطفيٰ

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! احاديث مبارڪن ۾ ڪيترن ئي مقامات تي ٻانهن جي حقن جي اهميت بيان ڪئي وئي آهي. اچو! انهن مان چار فرامينِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿا:

مُسلمان جون سڀ شيون مسلمان تي حرام آهن ان جو مال ۽ ان جي عِزت ۽ ان جو خون ، ڪنهن ماڻهوءَ جي بُري هجڻ جي لاءِ ايترو ئي