Book Name:Bandon kay Huquq

ڦرڻ، ڌمڪيون ڏئي ڪري ماڻهن کان رقم جو مطالبو ڪرڻ ۽ انهن جي مال ۽ جائداد تي قبضو ڪرڻ، قرض دٻائڻ، چوري، ڌاڙو ۽ قتل  جهڙن گناهن ۾ مُبتلا ٿي ڪري ٻين مسلمانن جي حقن کي پامال ڪري رهيا آهن. حالانڪه مسلمان جو حق ڦٻائڻ، ان کي ڪهڙي به طرح ستائڻ، ان جي دل ڏکائڻ حرام ۽ جهنّم ۾ وٺي وڃڻ وارو ڪم آهي. بنا ڪنهن سبب مسلمانن کي ستائڻ جي باري ۾ الله عَزَّوَجَلَّ ارشاد فرمائي ٿو.

اِنَّ    الَّذِیۡنَ   فَتَنُو ا   الۡمُؤۡ  مِنِیۡنَ    وَ  الۡمُؤۡ  مِنٰتِ

ثُمَّ     لَمۡ     یَتُوۡ  بُوۡ ا   فَلَہُمۡ     عَذَابُ   جَہَنَّمَ     وَ لَہُمۡ    عَذَابُ   الۡحَرِ یۡقِ    ﴿ؕ۱۰﴾

ترجمو ڪنزالايمان؛

حق پامال ڪرڻ ظلم به آهي

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻڌو توهان! الله عَزَّوَجَلَّ مسلمانن جي حقن جي پاسداري نه ڪرڻ، انهن کي ظلم ۽ ستم جو نشانو بنائڻ ۽ بنا ڪنهن سبب ستائڻ وارن کي عذابِ نار جي وعيد ٻُڌائي آهي، ان لاءِ خوب خوب محتاط رهو ۽ مسلمانن کي بنا ڪنهن سبب ڊيڄارڻ، دهمڪائڻ ۽ انهن جو حق دٻائڻ کان هميشه بچندا رهو. ڪنهن سان نا انصافي ڪرڻ، اڪيلي يا ڀريل مجمعي ۾ ۾ ذليل ڪرڻ، بي عزتي ڪرڻ، گاريون ڏيڻ، مارڻ پٽڻ ۽ هر اهو ڪم ڪرڻ جنهن سان ٻئي جا حقوق پامال ٿين حقيقتًا اهو به ظلم آهي.

حضرت سيّدُنا شريف جرجاني رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ارشاد فرمائن ٿا: ڪنهن شيء کي ان جي علاوه ڪنهن ٻئي جڳهه تي رکڻ ظلم آهي. (التعريفات للجرجاني، ص. 102) جڏهن ته شريعت ۾ ظلم مان مراد هي آهي ته ڪنهن جو حق مارڻ،