Book Name:Bandon kay Huquq

مقصد اجير اسلامي ڀائرن سان خير خواهي آهي. جيڪڏهن اسان مان به ڪو اهڙو آهي جنهن جي تحت ملازمَ آهن، ته انهن سان حسنِ سلوڪ سان پيش اچجي ۽ آخرت جي لاءِ نيڪين جو ذخيرو جمع ڪجي.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

شاگردن سان شفقت

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح هڪ سيٺ کي پنهنجي ملازم سان محبت ۽ شفقت سان پيش اچڻ گهرجي اهڙي طرح استادن کي به پنهنجي شاگردن سان محبت ۽ شفقت سان ورتاء ڪرڻ گهرجي، ڳالھ ڳالھ تي ڌمڪائڻ ۽ دڙڪا ڏيڻ سان دلين ۾ عارضي طور تي رُعب ته ويهجي ويندو آهي پر شاگرد جي دل ۾ استاد جي تعظيم ۽ ان جي عزت ختم ٿيڻ جو انديشو آهي، ان لاءِ هڪ استاد کي گهرجي ته پنهنجي طالبن کي پنهنجي اولاد وانگي سمجهي، انهن جي غم خواري ڪري، بيمار ٿيڻ تي انهن جي عيادت ڪري، انهن جي جائز ضرورتن ۽ مسئلن جي حل جي لاءِ ڪوشش ڪري، ڪاميابيءَ تي انهن جي حوصلا افزائي ڪري ۽ ناڪاميءَ تي انهن جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي بجائي وڌيڪ محنت ۽ لگن سان پڙهڻ جي ترغيب ڏياري، انهن کي خوفِ خدا ۽ عشقِ مصطفيٰ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪري، قول کان وڌيڪ پنهنجي عمل سان انهن جي مدني تربيت ڪري ۽ وقت به وقت انهن کي علمِ دين جا فضائل ٻڌائي انهن جي شوق کي وڌائيندو رهي. پاڻ به دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن ۾ پنهنجو پاڻ کي مصروف رکو ۽ پنهنجي طالبن کي به طالب علميءَ جي دوران مدني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جو مدني ذهن ڏيندا رهو ، اميرِ اهلسنت دَامَـتْ بَ