Book Name:Bandon kay Huquq

بيان جو خلاصو

* ٻانهن جا حق ادا ڪرڻ الله عَزَّوَجَلَّ ۽ ان جي مدني حبيب صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي رضا جو سبب آهي ۽ انهن کي تلف ڪرڻ انهن جي ناراضگي جو سبب آهي.

* ٻانهن جا حق تلف ڪرڻ جهنّم جو مُسۡتَحِق بڻجڻ سان گڏو گڏ، الله عَزَّوَجَلَّ جي سخت پڪڙ ۾ گرفتار ڪرائي ٿو.

* ٻانهن جا حق جيڪڏهن دنيا ۾ ادا نه ڪيا ته قيامت ۾ ادا ڪرڻا پوندا، هتي مال سان ادا ڪري سگهن ٿا، پر اتي عملن سان ادا ڪرڻا پوندا.

* اهي ماڻهون جيڪي اسان جي ماتحت هجن، جيئن ته اسان جا مُلازم، ننڍا ڀائر ڀيڻون وغيره انهن جي حقن جو بالخصوص خيال رکڻ گهرجي، ڇو ته عمومًا اهڙن ئي ماڻهن جا حق تلف ڪيا ويندا آهن.

* ٻانهن جي حقن جي صحيح ادائيگي جي لاءِ هن جو علم سکڻ به بيحد ضروري آهي.

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! بيان جي آخر ۾ سنّت جي فضيلت ۽ ڪجهه سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو. تاجدار رسالت شهنشاهه نبوت مصطفٰي جان رحمت شمع بزم هدايت صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمانِ جنّت نشان آهي: ”جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي. ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو“.

(مشڪاة المصابيح، ج 1، ص 55، حديث 75 ادارا الکتب العلميه بيروت)

سینہ تری سنّت کا مدینہ بنے آقا

جنّت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا