Book Name:Bandon kay Huquq

هر وقت گناهن جو ميٽر!

 حضرتِ سيدنا امام محمد بن محمد غزالي عَلَيْهِ رَحْمَةُ اللهِ الۡوَالِی ”ڪيمياءِ سعادت“ ۾ نقل ڪن ٿا: ”جيڪو شخص قرض وٺندو آهي ۽ هيءَ نيت ڪندو آهي ته مان سهڻي نموني ادا ڪندس ته الله عَزَّوَجَلَّ انهيءَ جي حفاظت جي لاءِ ڪجھ فرشتا مقرر فرمائيندو آهي ۽ اُهي دعا ڪندا آهن ته انهيءَ جو قرض ادا ٿي وڃي۔“ (اتحاف السادة للزبيدي ج 6، ص 409) ۽ جيڪڏهن قرضدار قرض ادا ڪري سگهندو هجي ته قرض گھرندڙ جي مرضي جي بغير هڪ گھڙي برابر به دير ڪندو گنهگار ٿيندو ۽ ظالم قرار ڏنو ويندو۔ چاهي روزي جي حالت ۾ هجي يا ستل هجي انهيءَ جي ذمي گناهه لکيو ويندو۔ (ڄڻ هر حال ۾ گناهه جو ميٽر هلندو رهندو) ۽ هر صورت ۾ انهيءَ تي الله عَزَّوَجَلَّ جي لعنت پوندي رهندي، هي گناهه ته اهڙو آهي جو ننڊ جي حالت ۾ به انهيءَ سان گڏ رهندو آهي۔ جيڪڏهن پنهنجو سمورو مال وڪڻي قرض ادا ڪري سگهي ٿو ته اهو به ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن ائين نه ڪندو ته گنهگار آهي۔ جيڪڏهن قرض جي عيوض اهڙي شيءِ ڏئي جيڪا قرض گھرندڙ کي ناپسند هجي تڏهن به ڏيڻ وارو گنهگار ٿيندو ۽ جيسيتائين انهيءَ کي راضي نه ڪندو، انهيءَ ظلم جي جُرم کان ڇوٽڪارو نه ملندو ڇو ته ان جو هي فعل ڪبيره گناهن مان آهي پر ماڻهو انهيءَ کي معمولي سمجھندا آهن۔

     (ڪيمياءِ سعادت ج 1، ص 336)

مظلوم ۽ ڏکيارا فائدي ۾!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻانهن جي حق تلفي آخرت جي لاءِ گهڻو نُقصانڪار آهي، حضرت سيدنا شيخ ابوطالب محمد بن علي مڪي

عَـلَيْهِ رَحْمَةُ الـلّٰـهِ الۡـقَـوِی”قوت القلوب“ ۾ فرمائن ٿا: ”اڪثر ڪري (پنهنجا نه بلڪه) ٻين جا گناهه ئي دوزخ ۾ داخلي جو سبب ٿيندا جيڪي (حق العِباد تلف ڪرڻ جي سبب) انسان