Book Name:Bandon kay Huquq

 

ننهن ڪٽڻ جا آداب

>

اچو شيخ طريقت، امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رسالي ”101 مدن گل“ مان ننهن ڪٽڻ جا ڪجهه مدني گل ٻڌون. ]1[ جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽڻ مستحب آهن۔ ها جيڪڏهن وڌي ويا هجن ته جمعي جو انتظار نه ڪريو۔ (درمختار ج 9 ص 668) صدرُالشَّريعه، بدرالطَّريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي عَلَیهِ رَحْمَةُ اﷲِ القوي  بهار شريعت، جلد 3 ص 583 ۾ فرمائن ٿا: منقول آهي: ”جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي الله تعاليٰ اُن کي ٻئي جمعي تائين مصيبتن کان محفوظ رکندو ۽ ٽي ڏينهن وڌيڪ يعني ڏهه ڏينهن تائين۔ (مرقاةالمفاتيح ج 8 ص 212 تحت الحديث 4422) هڪ روايت ۾ هي به آهي ته جيڪو جمعي جي ڏينهن ننهن ڪٽي ته رحمت نازل ٿيندي ۽ گناهه ڇڻندا۔ (درمختار و ردالمحتار ج 9 ص 668) ]2[ هٿن جا ننهن ڪٽڻ جي منقول طريقي جو خلاصو پيش خدمت آهي: پهرين ساڄي هٿ جي شهادت واري آڱر کان شروع ڪري ترتيبوار چيچ سميت ننهن ڪٽيا وڃن پر آڱوٺو ڇڏيو وڃي، هاڻي کٻي هٿ جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو، پوءِ هاڻي آخر ۾ ساڄي هٿ جي آڱوٺي جو ننهن  ڪٽيو وڃي۔ (درمختار و ردالمحتار، ج 9 ص 670، احياءُ العلوم، ج 1، ص 193) ]3[ پيرن جي ننهن ڪٽڻ جي ڪا ترتيب منقول ناهي۔ بهتر اهو آهي ته ساڄي پير جي چيچ کان شروع ڪري ترتيبوار آڱوٺي سميت ننهن ڪٽيو پوءِ کاٻي پير جي آڱوٺي کان شروع ڪري چيچ سميت ننهن ڪٽيو۔ (درمختار، ج 9 ص 670) ]4[ جنابت جي حالت (يعني غسل فرض ٿيڻ جي صورت) ۾ ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي۔ (فتاويٰ عالمگيري ج 5 ص 358) ]5[ ڏند سان ننهن ڪٽڻ مڪروهه آهي ۽ ان سان برص (يعني ڪوڙهه) جي بيماري ٿيڻ جو انديشو آهي۔ (ايضًا) ]6[ ننهن ڪٽڻ کان پوءِ انهن کي دفن ڪري ڇڏيو ۽ جيڪڏهن اڇلائي ڇڏيو ته به حرج ناهي۔ (ايضًا) ]7[ ڪٽيل ننهن بيتُ الخلا يا غسل خاني ۾ اڇلائڻ