Book Name:Bandon kay Huquq

جو ۽ اسان جي جان ۽ مال ۽ حقن سڀ جو مالڪ آهي، جيڪڏهن هو اسان جي مرضي کان بغير، اسان جا حق جنهن کي چاهي معاف فرمائي، ته به عين حق ۽ عدل آهي جو اسان به ان جا ۽ اسان جا حق به ان جا مقرر فرمايل آهن، جيڪڏهن هو اسان جي خون، مال ۽ عزت وغيره کي معصوم ۽ محترم نه ڪري ها ته اسان کي ڪير ڪهڙو ئي آزار (تڪليف) پهچائي ها، ڪڏهن به اسان جي حق ۾ گرفتار نه ٿئي ها. ايئن ئي هينئر به الله عَزَّوَجَلَّ جنهن کي چاهي، اسان جا حق معاف فرمائي ڇڏي ڇو ته اهو ئي مالڪِ حقيقي آهي، پر ان ڪريم، رحيم عَزَّوَجَلَّ جي رحمت (آهي) جو اسان جا حق اسان جي هٿ (۾) رکيا آهن، اسان جي بخشڻ کان بغير معاف ٿيڻ جي ڪا صورت نه رکي، ته جيئن ڪو مظلوم هي نه چوي ته اي منهنجا مالڪ! مونکي منهنجو حق نه مليو. (فتاوٰي رضويه، ج. 24، ص. 460)

حق ڦٻائڻ وارن لاءِ جهنّم آهي!

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ٻانهن جا حق ادا ڪرڻ نهايت ضروري آهن، انهن ۾ غفلت ڪرڻ دين ۽ دنيا جي نقصان جو باعث آهي. اسان جي پياري دين ٻانهن جي حقن جي ادائيگيءَ جي گهڻي تاڪيد ڪئي آهي، بادشاهه هجي يا وزير، امير هجي يا فقير، مالڪ هجي يا غلام، حقن جي ادائگيءَ جي لاءِ سڀني کي هڪ ئي صف ۾ بيهاري ڇڏيو ۽ جڏهن ڪنهن مسلمان تي ٻئي مسلمان جو حق ثابت ٿي وڃي، ته ان حق کي ادا ڪرڻ جو حڪم به ارشاد فرمايو آهي. پر افسوس! اڄ ڪلھ غفلت جي انتها آهي، جهڙي طرح مسلمانن جو هڪ تعداد حقوق الله کان غافل ٿيندي نظر اچي رهيو آهي، اهڙي طرح معاشري ۾ ٻانهن جي حقن کي پامال ڪرڻ به ڏاڍو عام ٿي رهيو آهي. مسلمان پنهنجي انجام کان بي خوف ٿي ڪري ظلم ۽ زيادتي ڪرڻ، موبائل