Book Name:Bandon kay Huquq

نيڪين جي نالي تي گناھ نه ڪمايو!

شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه ساؤنڊ سسٽم تي وڏي آواز سان اجتماعِ ذڪر و نعت ڪرڻ وارن کي ٻانهن جي حقوق جي متعلق اهم معاملن تي توجهه ڏياريندي ارشاد فرمائن ٿا: ڪجھ ٻارن جي ننڊ ڪچي هوندي آهي انهن کي معمولي آواز به برداشت ناهي ٿيندو، فورن روئڻ شروع ڪري ڇڏيندا آهن جنهن سان گهر وارن کي گهڻي پريشانيءَ جو منهن ڏيڻو پوندو آهي، ۽ گهرن ۾ اهڙا مريض به هوندا آهن جيڪي ويچارا ننڊ جون گوريون کائي بستر تي پيا هوندا آهن. شاگردن کي صبح درسگاهن ۽ ٻين ماڻهن کي ڪم ڌنڌي تي وڃڻو هوندو آهي، اهڙي ۾ جيڪڏهن محلي جي اندر ”سائونڊ سسٽم“ تي زور ۽ شور سان محفل جاري هجي ته مجبورن ۽ مريضن جي سخت دل آزاري جو امڪان رهندو آهي، اسپيڪر جي ڪن ڦاڙيندڙ آواز تي احتجاج ڪرڻ وارن جي لاءِ اهڙو مثال ڏيڻ قطعًا مناسب ناهي جو شادين ۾ به ماڻهو فلمي گيت زور ۽ شور سان هلائيندا آهن. انهن کي ڪوئي منع ناهي ڪندو! اسان ته آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ثناء خواني ڪيون ٿا ته ماڻهن کي تڪليف ٿيڻ لڳندي آهي معاذ الله عَزَّوَجَلَّ هي کليو بهتان آهي، ڪو به مسلمان چاهي ڪيترو ئي گنهگار ڇو نه هجي ان کي هرگز آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ثناء خواني کان تڪليف ناهي ٿيندي، شڪايت صرف اسپيڪر جي آواز کان آهي، جنهن مٺي مٺي آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي اسان نعت خواني ڪري رهيا آهيون ۽ ان ۾ صرف ”مزو“ وٺڻ جي لاءِ سائونڊ سسٽم لڳائي رکيو آهي جيڪڏهن