Book Name:Bandon kay Huquq

ڪڻڪ جو داڻو

هڪ شخص کي وفات کان پوءِ ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇيو:
مَا فَعَلَ الله بِکَ؟ يعني الله عَزَّوَجَلَّ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ چيائين الله  عَزَّوَجَلَّ مون کي بخشي ڇڏيو، پر حساب ڪتاب ٿيو، ايتري تائين جو انهيءَ ڏينهن جي باري ۾ مون کان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي جنهن ڏينهن مان روزي سان هئس ۽ پنهنجي دوست جي دڪان تي ويٺو هئس، جڏهن افطار جو وقت ٿيو ته مون ڪڻڪ جي ٻوري مان هڪ داڻو کنيو ۽ ان کي ڀڃي کائڻ چاهيو ٿي ته يڪدم مون کي احساس ٿيو ته هي داڻو منهنجو ناهي۔ اهڙي طرح مون ان کي جتان کنيو هو جلدي انهيءَ جاءِ تي رکي ڇڏيو ۽ انهيءَ جو به حساب ورتو ويو، ايتري تائين جو ان پرائي ڪڻڪ جي داڻي ڀورڻ جي نقصان برابر نيڪيون مون کان ورتيون ويون۔

 (مرقاة المفاتيح ج 8، ص 811، تحت الحديث 5083)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو!غور ڪريو ته جڏهن پرائي ڪڻڪ جي هڪ معمولي داڻي کي اجازت کان بغير ڀڃڻ جو ايترو نقصان آهي جو مرڻ کان پوءِ ان ماڻهوءَ کي نيڪيون ڏيڻيون پيون، تنهنڪري هڪ مسلمان جا بنيادي حق ضائع ڪري ڇڏڻ ۽ ان جي ڪجھ به پرواھ نه ڪرڻ ڪيتري قدر نقصان ۽ خساري جو سبب بڻجي سگهي ٿو، افسوس! صد افسوس! جو اسان جي معاشري ۾ هڪ ٻئي جي حقن کي بُري طرح پامال ڪيو ويندو آهي.

3 پيسن جي عوض ست سؤ باجماعت نمازون!

شيخ طريقت، امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه معاشري جي ان خراب حالت تي فڪر جو اظهار ڪندي فرمائن ٿا: هاڻي رڳو ڪڻڪ جو داڻو ڀڃڻ يا