Book Name:Bandon kay Huquq

سلوڪ ڪرڻ ۽ ان جي حق ادا ڪرڻ جي ترغيب آهي ته اُهي ماڻهو جن سان رت جو رشتو هجي، انهن سان ته حسنِ سلوڪ ڪرڻ ۽ انهن جا حق ادا ڪرڻ جي اهميت اڃان به وڌيڪ وڌي ويندي آهي، اهو ئي سبب آهي جو دينِ اسلام ۾ اسان کي صلهء رحمي جي ترغيب ڏني وئي آهي. صلهء رحمي جو مطلب هي آهي ته پنهنجي عزيزن ۽ مائٽن سان سٺو سلوڪ ڪرڻ.

(فروز اللغات، ص. 914)

حديثِ پاڪ ۾ آهي ته بيشڪ الله عَزَّوَجَلَّ هڪ قوم جي ڪري دنيا کي آباد رکيو آهي ۽ ان جي ڪري مال ۾ اضافو ڪندو آهي ۽ جڏهن کان انهن کي پيدا فرمايو آهي انهن کي نا پسنديده نظر سان ناهي ڏٺو. عرض ڪئي وئي: يا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم اهو ڪيئن؟ ارشاد فرمايائون: انهن جي پنهنجي رشتيدارن سان تعلق جوڙڻ جي سبب کان.

(المعجم الڪبير، ج. 12، ص. 67، رقم؛ 12556)

صلهءِ رحمي جا سڀ کان گهڻا حقدار والدين ۽ ڀيڻ ڀاءُ هوندا آهن. انهن کان پوءِ مرتبي جي لحاظ کان ٻيا رشتيدار صلهءِ رحمي جا مستحق آهن. رشتيدارن سان صلهءِ رهمي ڪرڻ انهن جو حق آهي، قرآنِ پاڪ ۽ احاديثِ مبارڪه ۾ ان جي گهڻي ترغيب ڏياري وئي آهي ۽ سڄي اُمّت جو ان تي اتفاق آهي جو صلهء رحمي واجب آهي ۽ قطع رحم حرام آهي.

(بهارِ شريعت، ج. 3، ص. 557)    

ملازمين سان شفقت

مٺا مٺا اسلامي اسلامي ڀائرو! رشتيدارن سان صلهء رحمي ڪرڻ سان گڏ  گڏ ٻين مسلمانن جي حقوق جو به خاص خيال رکو، خاص طور تي پنهنجي ملازمن جي حقوق جي ادائيگي ۾ ڪڏهن به ڪوتاهي نه ڪرڻ گهرجي،