Book Name:Bandon kay Huquq

بي نمازي ،نمازي بڻجي ويو

سردار آباد (فيصل آباد) جي هجويري ٽائون محله بلال گنج ۾ مقيم اسلامي ڀاءُ جي بيان جو خلاصو آهي ته دعوت اسلامي جي پاڪيزه مدني ماحول کان وابسته ٿيڻ کان پهريان مَعَاذَ الله عَزَّ وَجَلَّ مان هڪ ماڊرن، ڪلين شيو، فلمون ڊراما ڏسڻ ۽ گانا باجا ٻڌڻ منهنجو محبوب مشغلو هو، پنج وقت جي نماز ته ڇا جمعو پڙھڻ کان به محروم رهندو هئس۔ هڪ ڏينهن ڪنهن عزيز جي گھر وڃڻ ٿيو ته اتي ويٺي ويٺي اوچتو منهنجي نظر الماري ۾ رکيل هڪ اسلامي ڪتاب تي پئي مون اهو ڪتاب کنيو ۽ پڙھڻ شروع ڪيو۔ ڪتاب تمام سٺو هو، ان ڪري منهنجي دل ۾ ديني ڪتابن جي مطالعي جو شوق پيدا ٿيو، پوءِ مون پنهنجي دوست کان مطالعي جي لاءِ ڪجھ ڪتاب گھريا ان مون کي قبر و آخرت جي باري ۾ اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جا ڪجھ رسالا ڏنا۔ جڏهن مون انهن رسالن جو مطالعو ڪيو ته مون تي رقت طاري ٿي وئي، منهنجي اکين مان لڙڪ وهڻ لڳا ۽ هن ڳالھ جو احساس ٿيو ته مون هينئر تائين غفلت جي زندگي گذاري رهيو آهيان۔ انهيءَ وقت مون سچي دل سان گناهن ڀري زندگي کان توبه ڪئي، نمازي بڻجي ويس۔ دعوت اسلامي جي هفتيوار سنتن ڀري اجتماع ۾ به حاضر ٿيڻ لڳس۔ چهري کي ڏاڙھي مبارڪ ۽ مٿي کي عمامي شريف سان سجائي ورتو ۽ دعوت اسلامي جي مشڪبار مدني ماحول سان وابسته ٿي ويس۔ (کالے بچھو کا خوف: ۲۸)

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

اميراهلسنت جو اندازِ تربيت:

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! قربان وڃو! امير اهلسنت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي مدني سوچ تي جو هڪ مدني مذاڪري ۾ ٻانهن جي حقوق جي باري ۾ عاشقانِ