Book Name:Bandon kay Huquq

ڪندي آهي. (5) منهنجي لاءِ کاڌو پچائيندي آهي. ان چيو اهي اوصاف ته منهنجي زال ۾ به موجود آهن، لهٰذا هاڻي مان به ان کي درگزر ڪندو رهندُس.                 (تنبيه الغافلين، ص. 280)

احساس ذمه داري پيدا ڪيو!

3. پنهنجي اندر احساسِ ذمه داري پيدا ڪريو ۽ ٻانهن جي حقن کي به پنهنجي ذمه داري سمجهيو، ٻانهن جا حق ادا ڪرڻ به هر مسلمان جي به ذمه داري ئي آهي، اسان جي بزرگن به ان کي پنهنجي ذمه داري سمجهندا ۽ انهي سوچ ۾ ڪُڙهندا رهندا هئا. حضرت سيدنا عمر بن عبد العزيز رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي زوجه جو بيان آهي ته جڏهن انهن کي خلافت جي مرتبي تي فائز ڪيو ويو ته گهر اچي مصلي تي ويهي روئڻ لڳا، ايستائين جو ڏاڙهي لڙڪن سان آلي ٿي وئي. منهنجي پڇڻ تي ارشاد فرمايائون ته منهنجي ڪنڌ تي سرڪار جي اُمّت جو بار رکيو ويو آهي. جڏهن مان بکايل فقيرن، مريضن، مسافرن، پوڙهن، ٻارن ايستائين! تمام دنيا جي مصيتن ۾  ڦاٿلن جي خبر گيري جي متعلق سوچيندو آهيان ته ڊڄندو آهيان ته ڪٿي  انهن جي متعلق الله عَزَّوَجَلَّ مون کان پڇا ڳڇا نه فرمائي ۽ مون کان جواب نه ٺهي سگهي، بس ان بار جي ذمه داري جو احساس ۽ انهن جو فڪر مون کي روئاري رهيو آهي.          (حوالو)

نيڪين تي حريص ٿي وڃو!

ٻانهن جي حقن جي ادائيگي اپنائڻ جو هڪ طريقو اهو به آهي جو مال ۽ دولت جي حرص کي ڇڏي ڪري نيڪين تي پاڻ کي حريص بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. اسان کي ناهي معلوم جو اسان جي ڪهڙي نيڪي الله عَزَّوَجَلَّ جي هميشه واري رضا جو سبب بڻجي وڃي، ان لاءِ ننڍي ننڍي نيڪي به نه ڇڏڻ گهرجي، ماڻهن سان سٺو سلوڪ جا فضائل