Book Name:Bandon kay Huquq

ان جي سبب کان پاڙي وارا تڪليف ۾ اچن ٿا ته يقينًا پيارا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم به خوش نه ٿيندا. ٻه چار محلي جي ماڻهن کان اجازت وٺڻ قطعاً ڪافي ناهي. کير پيئندڙ ٻارن، انهن جي مائرن ۽ مٿي جي سور ۾ ٿڙپندڙ، بخار ۾ تپيل ۽ بسترن تي بيقرار ڦٿڪندڙ مريضن کان ڪير اجازت وٺندو؟ پڻ اها به حقيقت آهي جو فلمي گانن جي شور مان  به ماڻهن کي پريشاني ٿيندي آهي پر ڊپ جي ڪري صبر ڪندي پيا هوندا آهن. الله عَزَّوَجَلَّ اسان کي ٻانهن جي حقوق جي اهميت سمجهڻ ۽ انهن کي پورو ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي.

آمِيۡن بِجَاهِ النَّبِيِّ الۡاَمِيۡن  صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم

دل میں ہو یاد تیری گوشۂ تنہائی ہو

پھر تو خلوت میں عجب انجمن آرائی ہو

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

صدائي مدينه ڪيئن لڳايون؟

شيخ طريقت، امير اهلسنّت، باني دعوت اسلامي حضرت علامه مولانا ابو بلال محمد الياس عطار قادري رضوي ضيائي دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه به بزرگان دين جي پيروي ڪرڻ واري عظيم علمي ۽ روحاني شخصيت آهن پاڻ جو پاڪيزه ڪردار، هن پُر فتن دور ۾ اسان جي لاءِ مشعلِ راهه آهي، پاڻ نه صرف خود ٻانهن جي حق جي متعلق خاص احتياط فرمائيندا آهن بلڪه پنهنجي مريدين ۽ متعلقين کي به ان جي ترغيب جي مدني گلن سان نوازيندا آهن. دعوت اسلامي جي اصطلاح ۾ مسلمانن کي فجر جي نماز