Book Name:Bandon kay Huquq

ـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه مدني مذاڪري ۾ طلباءِ ڪرام کي دعوتِ اسلامي جو مدني ڪم ڪرڻ جي حوالي سان قيمتي مدني گل عطا فرمائيندي ارشاد فرمائن ٿا.....

v    علم جو هڪ شعبو تجربو آهي، ان ۾ وڌيڪ ماهر اهو آهي جيڪو دورانِ درسِ نظامي مدني ڪم ڪندو رهي ٿو .

v    جنهن دعوتِ اسلامي جو مدني ڪم ڪندي درسِ نظامي ڪئي، اهو گهر ۾ مدني ماحول ٺاهڻ ۾ ڪامياب ٿي ويندو.

هڪ استاد مجلس جو طيء ٿيل جدول جي مطابق پاڻ به مدني قافلن جو مسافر بڻجندو رهي ۽ پنهنجي طلبه کي به مدني قافلن جي سفر جي ترغيب ڏيندو رهي، ان انداز سان جيڪڏهن عملي طور تي مدني ڪمن ۾ شرڪت ٿيندي رهي ته دعوتِ اسلامي جو مدني ڪم ڏاڍو تيزيءَ سان مديني جي طرف هلي ويندو. ان شاالله عَزَّوَجَلَّ

ڪمزور ن ۽ غريبن سان شفقت

اهڙي طرح غريبن، محتاجن ۽ مسڪينن سان به هر مسلمان کي حُسنِ سلوڪ سان پيش اچڻ گهرجي، انهن جي مشڪل ۾ مدد ڪرڻ سان گڏو گڏ ٿي سگهي ته مستقل، انهن جا خرچ به کڻڻ گهرجن ۽ هميشه انهن سان شفقت ۽ پيار سان پيش اچڻ گهرجي. منقول آهي ته اسان جا آقا صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم دعا گهرندا هئا:

حديث..............................

اي الله عَزَّوَجَلَّ مونکي مسڪين زنده رک ۽ مسڪيني جي حالت ۾ موت عطا ڪجان ۽ بروز قيامت مونکي مسڪينن جي زُمري ۾ اٿارجان.

حوالو