Book Name:Bandon kay Huquq

جي لاءِ صدا لڳائي ڪري اٿارڻ ”صدائي مدينه“ چورائيندو  آهي ۽ هي ذيلي حلقي جي 12 مدني ڪمن مان روزانو هڪ مدني ڪم ۽ مدني انعام به آهي.

       امير اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه وقت به وقت ان جي ترغيب ڏيندا رهندا آهن ۽ ان سان ٻانهن جي حق ضائع ٿيڻ جي ڊپ جي ڪري احتياط بيان ڪندي فرمائيندا آهن: اذانِ فجر کان بعد بغير ميگا فون، ٻه، ٻه اسلامي ڀائر صدائي مدينه لڳائن. پر هن ڳالهه جو خيال رکو ته ايتري زور سان سان آواز نه هجي جو مريضن، ٻارن ۽ جيڪي اسلامي ڀينرون گهرن ۾ نماز ۾ مشغول آهن يا پڙهي ڪري سمهي رهيون هجن، انهن کي تشويش ٿئي، درس ۽ بيان ڪرڻ، نعت شريف پڙهڻ ۽ اسپيڪر هلائڻ وغيره ۾ هميشه نمازين، تلاوت ڪرڻ وارن ۽ سمهڻ وارن کي تڪليف ڏيڻ کان بچڻ شرعاً واجب آهي. ڪٿي ائين نه ٿئي جو اسان ظاهري عبادت مان خوش ٿيندا رهون، پر ان ۾ ٻين جي پريشانيءَ جو ڪارڻ ٿي ڪري حقيقت ۾ نعوذ بالله  عَزَّوَجَلَّ گنهگار ۽ دوزخ جا حقدار بڻجي رهيا هجون. (حقوق العباد کی احتياطيں، ص 17)

12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ”صدائي مدينه“

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! هينئر اسان ٻانهن جي حق جو خيال رکندي صدائي مدينه لڳائڻ جا مدني گُل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي، اسان کي به انهن مدني گلن تي عمل ڪندي هن مدني ڪم  يعني ”صدائي مدينه لڳائڻ“ جي ترڪيب ڪرڻ گهرجي ۽ مسلمانن کي نمازِ فجر جي لاءِ جڳائڻ گهرجي. اڄ جي دؤر ۾ جڏهن ته مُسَلمان دين کان گھڻو پري آهن. هڪ تعداد اهڙي آهي جيڪا دنياوي معاملن ۾ ايتري قدر  مصروف رهجي ويا آهي آخرت جي تياريءَ جو فڪر ئي ناهي، سنتون ۽ نفل پڙھڻ ته رهيو پري اَڪثَرِيت