Book Name:Bandon kay Huquq

ٿيل آخري حديث مبارڪه جو مطلب هي آهي ته جيڪڏهن توهان دنيا ۾ ماڻهن جا حقوق ادا نه ڪيا، هر صورت ۾ قيامت ۾ ادا ڪرڻا پوندا. هتي دنيا ۾ مال کان ۽ آخرت ۾ اعمال کان، تنهن ڪري بهتري انهيءَ ۾ ئي آهي ته دنيا ۾ ئي ادا ڪري ڇڏيو نه ته پڇتائڻو پوندو. مراٰة شرح مشڪوٰة ۾ آهي جانور جيڪڏهن شرعي احڪام جي مڪلف نه هجن پر حقوق العباد جانورن کي به ادا ڪرڻا پوندا.  (مراٰة، ج. 6، ص. 674 از ظلم جو انجام، ص. 9)

ہمیشہ ہاتھ بھلائی کے واسطے اُٹھیں           بچانا ظلم و ستم سے مجھے سدا یارَبّ!

رہیں بھلائی کی راہوں میں گامزن ہر دَم       کریں نہ رُخ مرے پاؤں گُناہ کا یا رَبّ!

صَــلُّـوْا عَـلَـی الْـحَبِيْـب!                        صَـلَّـی اللهُ تَعالٰـی عَلـٰی مُـحَـمَّد

الله وارن جو خوفِ خدا

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! الله عَزَّوَجَلَّ کان خوف رکڻ وارا، ان جا نيڪ ٻانها، ٻانهن جي حقن جي بظاهر معمولي نظر اچڻ وارن معاملن ۾ به اهڙي احتياط ڪندا آهن جو حيرت ۾ وجهي ڇڏيندا آهن. منقول آهي ته حضرت سيّدُنا عبدُالله بِن مُبارَڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه کي سفر تي روانو ٿيندي وقت ڪنهن ماڻهو ٻئي کي پهچائڻ لاءِ خط پيش ڪيو. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جن فرمايو ته اُٺ ڪِرائي تي ڪرايو آهي، سواري واري کان اجازت وٺڻي پوندي، ڇو ته مان ان کي سڄو سامان ڏيکاري ڇڏيو آهي ۽ هي خط وڌيڪ شئ آهي.

(ماخوز احياءُ العلوم، ج. 1، ص. 353)

مٺا مٺا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان! سيّدُنا عبدالله بن مبارڪ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه ٻانهي جي حق جي ادائيگي جو جذبو صد ڪروڙ مرحبا! ته اُٺ واري کي سڄو سامان ڏيکارڻ کان پوءِ معمولي ڪاغذ جو وزن رکڻ جي لاءِ به اُٺ واري کان اجازت وٺڻ جو ذهن رکن ٿا ته جيئن ان جي حق تلفي نه ٿي وڃي.